لائیو ايڇ اي سي پاران آمريڪا جي يونيورسٽين ۾ پي ايڇ ڊي لاءِ اسڪالرشپس جو اعلان

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: هائير ايجوڪيشن ڪميشن آمريڪا جي ناميارين يونيورسٽين ۾ پي ايڇ ڊي لاءِ اسڪالرشپس جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔

ايڇ اي سي، آمريڪا-پاڪستان نالج ڪوريڊور پروگرام تحت 2027ع جي داخلائن لاءِ آمريڪا جي ڪيو ايس ورلڊ رينڪنگ ۾ شامل ٽاپ 100 يونيورسٽين ۾ پي ايڇ ڊي اسڪالرشپس لاءِ پاڪستاني شاگردن کان آن لائن درخواستون طلب ڪري ورتيون آهن۔

ايڇ اي سي موجب هي اسڪالرشپ صرف پي ايڇ ڊي پروگرام لاءِ مخصوص آهي، جڏهن ته ماسٽرز يا ايم ايس کان پي ايڇ ڊي پروگرام هن اسڪيم ۾ شامل نه هوندا۔ ترجيح انهن اميدوارن کي ڏني ويندي، جن کي ايڇ اي سي جي ترجيحي شعبن ۾ آمريڪي يونيورسٽين مان داخلا حاصل هوندي۔

اعلان موجب اسپرنگ ۽ سمر 2027ع جي داخلائن لاءِ درخواستون جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 30 آڪٽوبر 2026ع مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته فال 2027ع جي داخلائن لاءِ آخري تاريخ 30 مارچ 2027ع رکيل آهي۔

درخواستون ايڇ اي سي جي آن لائن اسڪالرشپ پورٽل ذريعي جمع ڪرائي سگهجن ٿيون۔ ايڇ اي سي موجب اسڪالرشپ کي ٻن مختلف زمُرن ۾ ورهايو ويو آهي۔

اعلان موجب پهرين زمري ۾ اهي اميدوار شامل هوندا، جيڪي ڪيو ايس رينڪنگ جي ٽاپ 50 آمريڪي يونيورسٽين ۾ داخلا حاصل ڪندا۔ انهن کي يونيورسٽي جي انوائس مطابق ٽيوشن فيس، سالياڻو 19,200 آمريڪي ڊالر وظيفو ۽ 2,000 آمريڪي ڊالر سالياڻي هيلٿ انشورنس فراهم ڪئي ويندي۔

ٻئي زمري ۾ 51 کان 100 رينڪنگ وارين آمريڪي يونيورسٽين ۾ داخلا وٺندڙ شاگردن کي سالياڻو 12,000 آمريڪي ڊالر تائين ٽيوشن فيس، 19,200 آمريڪي ڊالر وظيفو ۽ 2,000 آمريڪي ڊالر هيلٿ انشورنس ڏني ويندي۔

اهليت لاءِ ضروري آهي ته اميدوار پاڪستان يا آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو شهري هجي، گهٽ ۾ گهٽ 16 سالن جي تعليم (چار ساله بيچلر ڊگري) مڪمل ڪئي هجي، تعليمي ڪيريئر ۾ ٻي يا ٽين ڊويزن نه هجي ۽ ڪنهن ٻي اسڪالرشپ مان فائدو حاصل نه ڪري رهيو هجي۔

عام اميدوارن لاءِ عمر جي حد 35 سال مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سرڪاري ملازمن، سرڪاري يونيورسٽين جي مستقل استادن ۽ منظور شده تحقيقي ادارن جي محققن لاءِ عمر جي حد 40 سال رکي وئي آهي۔

اميدوار لاءِ GRE جنرل ٽيسٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 300 نمبر يا هائير ايجوڪيشن ايپٽيٽيوڊ ٽيسٽ (HAT) ۾ گهٽ ۾ گهٽ 60 سيڪڙو اسڪور حاصل ڪرڻ پڻ لازمي هوندو۔

هائير ايجوڪيشن ڪميشن وڌيڪ هدايت ڪئي آهي ته دلچسپي رکندڙ اميدوار تفصيلي ڄاڻ ۽ درخواست جمع ڪرائڻ لاءِ ايڇ اي سي جي ويب سائيٽ ۽ اسڪالرشپ پورٽل تان رجوع ڪن۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں