لائیو لاهور: ٽيوشن سينٽر جي ڇت ڪرڻ سبب 14 ٻارن جي فوت ٿيڻ جو ڪيس داخل، عمارت جي مالڪ سميت 3 ڄڻا گرفتار

فہرستِ مضامین

 پاڪستان جي شهر لاهور ۾ هڪ خانگي ٽيوشن سينٽر جي ڇت ڪرڻ سبب 14 ٻارن جي فوت ٿيڻ ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ کانپوءِ پوليس ڪيس داخل ڪري عمارت جي مالڪ سميت ٽن ڄڻن کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي۔

هي واقعو اڱاري جي شام صوبي پنجاب جي گادي واري شهر لاهور جي ڀرپاسي واري علائقي ڪاهنه ۾ پيش آيو، جتي ٽيوشن پڙهڻ لاءِ ڪمري ۾ موجود ٻارن مٿان ڇت ڪري پئي۔

فوت ٿيل ٻارن جون عمريون پنجن کان 16 سالن جي وچ ۾ هيون، جن ۾ ست نينگريون پڻ شامل آهن۔

اختيارين جو چوڻ آهي ته متاثر عمارت ۾ 30 کان وڌيڪ ٻار موجود هئا ۽ ريسڪيو آپريشن دوران 20 ٻارن کي محفوظ نموني ٻاهر ڪڍيو ويو۔ ريسڪيو اختيارين موجب هن واقعي ۾ هڪ عورت استاد ۽ پنج ٻار زخمي پڻ ٿيا، جن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي۔

واقعي جو ڪيس نشتر زون جي انفورسمنٽ انسپيڪٽر ڪاشف اسلم جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ غفلت ۽ لاپرواهي کي سانحي جو بنيادي سبب قرار ڏنو ويو آهي۔

ايف آءِ آر ۾ ڪنهن شخص کي نقصان، تڪليف يا جسماني ڌڪ رسائڻ بابت لاڳاپيل قلم پڻ شامل ڪيا ويا آهن۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں