ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف ايراني ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته ايران پاران جاري موجوده ملاقاتن جو مقصد مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تحت ڪيل واعدن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ آهي۔
باقر قاليباف چيو ته مفاهمتي يادداشت ۾ طئي ڪيل شرطون پوريون ٿيڻ تائين ايران وڌيڪ ڳالهين ۾ شامل نه ٿيندو۔
هن چيو ته اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته ايران، آمريڪا ۽ لبنان ۾ جنگ جي خاتمي جي نگراني لاءِ هڪ گڏيل ڪميٽي قائم ڪئي ويندي۔
باقر قاليباف ٻڌايو ته سامونڊي ناڪابندي ختم ٿيڻ کانپوءِ ايران 40 ملين کان وڌيڪ بيرل تيل برآمد ڪري چڪو آهي، ۽ ايران آبنائي هرمز ۾ پنهنجي حقن تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪندو۔
سندس چوڻ هو ته مفاهمتي يادداشت موجب آبنائي هرمز مان بنا ڪنهن خرچ جي گذرڻ جي اجازت رڳو 60 ڏينهن لاءِ هوندي، آبنائي هرمز تي خودمختياري ايران ۽ عمان جي آهي، جڏهن ته آبي گذرگاهه ۾ سامونڊي اچ وڃ انهن انتظامن مطابق ٿيندي جيڪي ايران مقرر ڪندو۔
ايراني اسپيڪر باقر قاليباف چيو ته اسان خليج جي ساحلي ملڪن سان گڏيل صلاح مشورا ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا آهيون، جيڪڏهن آمريڪا ايران کي تيل وڪرو ڪرڻ کان روڪڻ جو ارادو رکي ٿو ته پوءِ ڪو به تيل مان فائدو حاصل نه ڪري سگهندو۔
هن وڌيڪ چيو ته هاڻي اسان پنهنجو تيل اڳ جي ڀيٽ ۾ 20 سيڪڙو وڌيڪ قيمت تي وڪرو ڪري رهيا آهيون۔