لائیو آبنائي هرمز بابت ايران ۽ عمان وچ ۾ گڏيل حڪمتِ عملي تي اتفاق

فہرستِ مضامین

منامه: ايران ۽ عمان آبنائي هرمز جي انتظام ۽ سنڀال بابت گڏيل حڪمتِ عملي تي اتفاق ڪري ورتو آهي۔

قطري نشرياتي اداري موجب ايراني نائب پرڏيهي وزير ڪاظم غريب آبادي چيو ته ٻنهي ملڪن آبي گذرگاهه جي مستقبل جي انتظام بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ڪيترن ئي معاملن تي گڏيل راءِ جو اظهار ڪيو ويو آهي۔

ڪاظم غريب آبادي چيو ته عمان به ساحلي رياست هجڻ جي حيثيت سان انهن انتظامن ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي حمايت ڪئي آهي. عمان جو موقف آهي ته آبنائي هرمز ذريعي مهيا ڪيل خدمتن جي عيوض فيس وصول ڪئي وڃڻ گهرجي۔

هن ٻڌايو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ فني ڪميٽيون قائم ڪيون وينديون، جڏهن ته ماهر ايندڙ ستن کان اٺن ڏينهن اندر خاص ڳالهين جي شروعات ڪندا ته جيئن هڪ مسودو تيار ڪري سامونڊي جهازن لاءِ رستن بابت معاملن کي حتمي شڪل ڏئي سگهجي۔

آبنائي هرمز جي مستقبل جو معاملو ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ هڪ اهم اختلاف جو نقطو بڻيل آهي. ايران عمان سان گڏجي نئين سروس فيس لاڳو ڪرڻ چاهي ٿو، جڏهن ته آمريڪا ڪنهن به قسم جي اضافي فيس جي مخالفت ڪري رهيو آهي۔

هوڏانهن عمان جو موقف تازن ڏينهن ۾ غير واضح رهيو آهي. گذريل هفتي ايران ۽ عمان گڏيل طور چيو هو ته هو آبنائي هرمز جي انتظام بابت خرچن جو جائزو وٺي رهيا آهن، پر بعد ۾ عمان واضح ڪيو ته ڪنهن به قسم جي گذرگاهه فيس لاڳو ڪرڻ جو ڪو منصوبو ناهي ۽ هن گڏيل قومن جي نگراني هيٺ پنهنجي سامونڊي حدن جي ويجهو هڪ عارضي بحري راهداري جو اعلان ڪيو آهي۔

ٻئي پاسي ايران بعد ۾ هن آبي گذرگاهه کي استعمال ڪندڙ جهازن تي حملا ڪيا ۽ موقف اختيار ڪيو ته صرف ان جي ساحلي پٽي سان لڳندڙ سامونڊي رستو ئي مجاز رستو آهي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں