غزه ۾ قابض اسرائيلي فوجن پاران بي گهر فلسطينين جو قتل عام جاري آهي۔
عرب ميڊيا رپورٽن موجب صهيوني فوجن غزه جي المواسي علائقي ۾ خيمن اندر ستل بي گهر ماڻهن تي بمباري ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ سال جي کير پياڪ ٻار ۽ 23 ورهين جي ماءُ سميت 6 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا۔
هوڏانهن دير البلح ۾ به اسرائيل جي فضائي حملي ۾ هڪ ٻار سميت 3 ڄڻا شهيد ٿي ويا، جڏهن ته اولهه ڪناري جي شهر رام الله ۾ اسرائيلي فوج فائرنگ ڪري 15 ورهين جي هڪ نينگر کي شهيد ڪري ڇڏيو۔
اولهه ڪناري جي شهر البيره جي علائقي ام الشريط ۾ به اسرائيلي فوج ڇاپي دوران 15 ورهين جي امير احمد جواد جابر کي مٿي ۽ سيني ۾ گوليون هڻي شهيد ڪري ڇڏيو۔
ٻئي پاسي رجب طيب اردوان چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ جو بنيادي سبب فلسطين جو مسئلو آهي، جيستائين اسرائيل پاران زمينن تي قبضي جو سلسلو ختم نه ٿيندو، تيستائين علائقي ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي۔