اقوام متحده ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار چيو آهي ته اسرائيل جو اي-ون منصوبو فلسطيني رياست جي جاگرافيائي تسلسل لاءِ سنگين خطرو آهي۔
سلامتي ڪائونسل ۾ خطاب ڪندي عاصم افتخار چيو ته سيڪريٽري جنرل جي رپورٽ موجب والاريل فلسطيني علائقن ۾ 4 هزار 750 رهائشي يونٽن جي منظوري يا انهن تي اڳڀرائي ڳڻتي جوڳو رجحان آهي۔
هن چيو ته هي اي-ون منصوبو ٻن رياستن واري حل لاءِ وڏو چئلينج آهي، جڏهن ته فلسطيني اٿارٽي جي مالي فنڊن جي بندش فلسطيني ادارن کي ڪمزور ڪرڻ ۽ حڪمراني جي نظام کي مفلوج بڻائڻ جي ڪوشش آهي۔