ڪراچي (رپورٽ: فھميدھ رياض) جيڪڏهن اوهان بلوچستان ۾ سفر ڪري رهيا آهيو ۽ صرف گوگل ميپ تي ڀروسو ڪريو ٿا ته هيءَ خبر ضرور پڙھو.
ڪراچي جو رهواسي ۽ موبائل فون جو واپاري علي جميل پنهنجي زال ۽ ٻن ننڍڙين نياڻين سان گڏ ڪوئيٽا جي سير کانپوءِ واپس ڪراچي اچي رهيو هو.
پوليس موجب، رستي ۾ هنن گوگل ميپ جي مدد ورتي، پر اهو کين قومي شاهراهه تان هٽائي دشت جي علائقي کَنڊ ڏانهن وٺي ويو.
اتي نامعلوم هٿياربندن سندن گاڏي کي روڪڻ جو اشارو ڪيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته گاڏي نه روڪڻ تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني جنھن جي نتيجي ۾ علي جميل مارجي ويو، سندس زال سخت زخمي ٿي پئي، جڏهن ته سندن ٻئي ننڍڙيون نياڻيون محفوظ رهيون.
واضح رھي تہ دشت، مستونگ ۽ قلات جي ڪجهه علائقن ۾ اڳ به اهڙا واقعا پيش اچي چڪا آهن، انهيءَ ئي رستي تان ٿر سان تعلق رکندڙ چار ڄڻن کي اغوا ڪيو ويو هو، جن کي لڳ ڀڳ پنجاهه ڏينهن بعد آزاد ڪيو ويو.
ايڪسائيز کاتي جي اڳوڻي آفيسر سعيد ميمڻ کي به انهيءَ علائقي مان اغوا ڪيو ويو، جنهن جو اڄ تائين ڪو پتو نه پئجي سگهيو آهي.
گذريل سال به انهيءَ شاهراهه تي ڪراچي کان ڪوئيٽا ويندڙ قوالن جي بس تي حملو ٿيو، جنهن ۾ ٽي قوال مارجي ويا هئا.
ماهرن جو چوڻ آهي ته گوگل ميپ ٽرئفڪ ۽ فاصلو ته ٻڌائي سگهي ٿو، پر هر رستي جي سيڪيورٽي صورتحال بابت ڄاڻ نٿو ڏئي.
تنهن ڪري جيڪڏهن اوهان بلوچستان يا ڪنهن به حساس علائقي ۾ سفر ڪري رهيا آهيو ته صرف نيويگيشن ايپ تي ڀروسو نه ڪريو.
روانگي کان اڳ مقامي انتظاميا يا هاءِ وي پوليس کان محفوظ رستي جي تصديق ضرور ڪريو.
ڇو ته ڪڏهن ڪڏهن هڪ غلط رستو رڳو منزل نه، پر سڄي زندگي بدلائي ڇڏي ٿو.