لائیو 19 آگسٽ 2021ع: ڏهين محرم تي والدين کان وڇڙي ويل پريا ڪماري جي پراسرار گمشدگي کي 5 سال گذري ويا

فہرستِ مضامین

صالح پٽ ۽ سنگرار ۾ اڄ به ماتمي جلوس نڪرندا، سبيلون سجايون وينديون ۽ عزادار روڊن تي هوندا۔

پر هڪ گهر اهڙو به آهي جتي ڏهين محرم صرف امام حسين جي سوڳِ  جي ياد نٿي ڏياري، پر هڪ اهڙي گهري زخم کي به تازو ڪري ڇڏي ٿي جيڪو لڳ ڀڳ پنج سال گذرڻ باوجود به ناهي ڀريو۔

هي ڪهاڻي آهي نَوَ ورهين جي پريا ڪماري جي۔

19 آگسٽ 2021، يعني ڏهين محرم جي ڏينهن، سنگرار جي رهواسي راج ڪمار عرف راجو جي ڌيءَ پريا پنهنجي والد سان گڏ سبيل تي موجود هئي۔ منجهند جو راج ڪمار ڪجهه دير لاءِ گهر ويو۔ جڏهن واپس آيو ته سندس ڌيءَ گم هئي۔

ان ڏينهن موبائل فون سروس بند هئي، پبلڪ ٽرانسپورٽ معطل هئي ۽ علائقي ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرا به موجود نه هئا۔

اهڙيءَ طرح ڪجهه منٽن اندر هڪ نينگري لاپتا ٿي وئي ۽ پوءِ اڄ تائين واپس نه اچي سگهي آهي۔

پريا جي والدين جو چوڻ آهي ته هنن هر در کڙڪايو۔

وزيرن، سياستدانن، بااثر شخصيتن ۽ پوليس اختيارين سڀني وٽ ويا، پر اڄ به اهو جواب نه مليو آهي ته پريا ڪٿي آهي۔

راج ڪمار چوي ٿو ته هو پنهنجي ڌيءَ کي ڳوليندي ڳوليندي ٿڪجي پيو آهي۔ کيس خبر ناهي ته سندس ڌيءَ جيئري به آهي يا نه، ڪهڙي حالت ۾ آهي ۽ ڪنهن وٽ آهي۔

ٻئي پاسي پوليس جو موقف آهي ته هي هڪ “بلائنڊ ڪيس” آهي۔

سکر پوليس موجب هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي، ٻاويهه ماڻهن جا ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرايا ويا، سوين گهرن جي تلاشي ورتي وئي، ڳولا ڪندڙ ڪتن جي مدد ورتي وئي، درگاهن، مندرن، خانه بدوشن ۽ پنندڙن جي آبادين تائين جاچ ڪئي وئي، پر ڪو به واضح سراغ نه مليو۔

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته جاچ جو دائرو سنڌ کان پنجاب تائين وڌايو ويو، پر اڄ به پريا ڪماري بابت ڪا تصديق ٿيل ڄاڻ موجود ناهي۔

بهرحال هن ڪيس تي سوال به اٿندا رهيا آهن۔

سکر جي سينيئر صحافين ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن جو موقف آهي ته ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ۾ دير ڪئي وئي، شروعاتي جاچ ۾ سنجيدگي جو فقدان رهيو ۽ ڪيترائي اهم موقعا ضايع ٿي ويا۔

ھيس تائين جو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي به پاڻمرادو نوٽيس وٺڻو پيو ۽ هڪ خاص ڪميٽي جوڙي وئي، پر ان ڪميٽي جي رپورٽ اڄ تائين منظرعام تي نه اچي سگهي آهي۔

وقت گذرندو رهيو، پر پريا ڪماري جو معاملو صرف هڪ پوليس ڪيس نه رهيو۔

ڪراچي کان ڪشمور تائين احتجاج ٿيا۔

لانگ مارچ ڪيا ويا۔

بک هڙتالون ڪيون ويون۔

سوشل ميڊيا تي “برنگ بيڪ پريا ڪماري” مهم هلائي وئي۔

گڏيل قومن جي انساني حقن وارن فورمن تي به هن معاملي کي اٿاريو ويو۔

آمريڪي ڪانگريس جي ميمبرن به پريا ڪماري جي گمشدگي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو۔

ڪراچي جي ٽي تلوار چوڪ کان وٺي سکر پريس ڪلب تائين مظاهرا ٿيندا رهيا۔

صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار متاثر خاندان سان ملاقات ڪئي، يقين ڏياريو ته نينگري کي بازياب ڪرايو ويندو، پر خاندان جو چوڻ آهي ته اهي واعدا اڄ تائين پورا نه ٿيا آهن۔

بعد ۾ قومي اسيمبلي جي قائمه ڪميٽي ۾ به هي معاملو بحث هيٺ آيو۔

آءِ جي سنڌ هڪ خطرناڪ ڌاڙيل تي شڪ ظاهر ڪيو ۽ چيو ويو ته ممڪن آهي پريا ان وٽ هجي، پر جڏهن اهو جوابدار گرفتار ٿيو ته هن ان بابت لاعلمي ظاهر ڪئي۔

ان کان پوءِ جاچ هڪ ڀيرو ٻيهر اتي اچي بيهي رهي جتي سال اڳ بيٺي هئي۔

پريا ڪماري جي گمشدگي صرف هڪ خاندان کي نه ٽوڙيو، پر سنگرار جي هندو برادري ۾ به خوف پيدا ڪيو۔

راج ڪمار موجب هڪ وقت هن ڳوٺ ۾ هندن جا پنجاهه کان وڌيڪ خاندان آباد هئا، پر هاڻي انهن مان گهڻا لڏي ويا آهن۔

سماجي ڪارڪنن جو چوڻ آهي ته متاثر خاندان کي انصاف ڏيارڻ بدران ڪجهه بااثر حلقا ۽ پنچائتون کين خاموش رهڻ جا مشورا ڏينديون رهيون۔

ڪيترن ڪارڪنن جو الزام آهي ته اقليتي قيادت به هن معاملي ۾ اهو ڪردار ادا نه ڪري سگهي جنهن جي متاثر خاندان کي ضرورت هئي۔

اڄ وري ڏهين محرم آهي۔

صالح پٽ ۾ جلوس نڪرندو۔

راج ڪمار شايد اڄ به سبيل لڳائيندو۔

ماڻهو پاڻي پيئندا، نياز ورهائبي ۽ شام لهي ويندي۔

پر هڪ پيءُ جون اکيون اڄ به انهيءَ واٽ تي لڳل آهن جتان سندس ڌيءَ پنج سال اڳ اوچتو گم ٿي وئي هئي۔

سوال اڄ به اهو ئي آهي، پريا ڪماري ڪٿي آهي؟

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں