بدين:(خاص رپورٽ) سنڌ جي ضلعي بدين جي تاريخي شهر ٽنڊو غلام علي ۾ لڳندڙ مشهور گڏهه پڙي هڪ ڀيرو ٻيهر واپارين، مالوندن ۽ شوقين ماڻهن جو مرڪز بڻجي وئي آهي. هن سال مضبوط، تيز رفتار ۽ ناياب نسل جي گڏهن جون قيمتون لکين رپين تائين پهچي ويون آهن، جنهن سبب پڙي سڄي ملڪ ۾ خاص ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي.
واپارين موجب عام استعمال جا گڏهه 40 هزار رپين کان شروع ٿين ٿا، جڏهن ته وڌيڪ طاقتور ۽ بهتر نسل جا گڏهه 80 هزار رپين يا ان کان وڌيڪ ۾ وڪرو ٿي رهيا آهن. پڙي ۾ موجود ڪجهه ناياب ۽ اعليٰ نسل جا گڏهه 5 لک رپين تائين وڪامڻ لاءِ پيش ڪيا ويا آهن.
پڙي ۾ سنڌ سميت پنجاب، بلوچستان ۽ ٻين علائقن مان واپاري ۽ خريدار پهتا آهن. خريدار گڏهه خريد ڪرڻ وقت انهن جي طاقت، برداشت، رفتار ۽ وزن کڻڻ جي صلاحيت کي خاص اهميت ڏين ٿا، ڇاڪاڻتہ اهي اڄ به ڪيترن ئي ڳوٺاڻن علائقن ۾ بار کڻڻ، زراعت ۽ آمدرفت لاءِ استعمال ٿين ٿا.
بدين جي هي تاريخي گڏهه پڙي ڏهاڪن کان لڳندي اچي ٿي ۽ ان کي پاڪستان جي سڀ کان وڏي ۽ منفرد گڏهه پڙين مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو. هر سال هتي هزارين ماڻهو گڏ ٿين ٿا، جنهن سان مقامي واپار کي پڻ هٿي ملي ٿي.
مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته هي پڙي صرف جانورن جي خريد ۽ وڪري تائين محدود ناهي، پر بدين جي ثقافتي سڃاڻپ پڻ بڻجي چڪي آهي. واپارين جو خيال آهي ته جيڪڏهن حڪومت مناسب سهولتون فراهم ڪري ته هن منڊي کي مالوند واپار ۽ سياحت جي حوالي سان وڌيڪ ترقي ڏئي سگهجي ٿي.