واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران طرفان جهاز تي ڪيل حملو کيس پسند نه آيو ۽ ان جو جواب ڏنو ويندو۔
وائيٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٽرمپ ايراني ڪارروائي جو جواب ڏيڻ جو اشارو ڏيندي چيو ته کيس اهو سٺو نه لڳو ته ايران ڪالهه جهاز تي چار ڀيرا حملو ڪيو، جن مان ٽي حملا ناڪام بڻايا ويا هئا۔ جڏهن کانئس پڇيو ويو ته ڇا ان تي ردعمل ڏنو ويندو؟ ته هن جواب ڏنو: “اها توهان کي جلد خبر پئجي ويندي.”
آمريڪي صدر چيو ته ايران جي هن ڪارروائي تي آمريڪا جي ردعمل بابت جلد ئي معلوم ٿي ويندو، پر هن فوري طور ڪنهن ممڪن ڪارروائي جا تفصيل بيان نه ڪيا۔
هي واقعو آبنائي ھرمز جي ويجهو پيش آيو، جتي هڪ مال بردار جهاز کي ڊرون حملي جو نشانو بڻايو ويو۔ ان واقعي کان پوءِ خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي ۽ عالمي جهازراني جي تحفظ بابت خدشا به وڌي ويا آهن۔
ٻئي طرف آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس ايران کي خبردار ڪندي چيو آهي ته تشدد جو جواب تشدد سان ڏنو ويندو، جڏهن ته اختلافن جي حل لاءِ ڳالهين جو رستو موجود آهي۔
جي ڊي وينس چيو ته جيڪڏهن ايران کي مفاهمتي يادداشت تي عملدرآمد بابت ڪو اعتراض آهي ته هو سڌو رابطو ڪري ڳالهه ٻولهه ڪري سگهي ٿو۔ آمريڪا ڪنهن به حملي کي نظرانداز نه ڪندو۔
آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو پڻ چيو آهي ته واشنگٽن خطي ۾ امن ۽ استحام جو خواهشمند آهي، پر ايران کي آبنائي هرمز جي استعمال تي ڪنهن به قسم جي فيس يا ٽول وصول ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي۔
ايراني نائب پرڏيهي وزير ڪاظم غريب آبادي چيو ته آبنائي هرمز کي متوازي رستن ۽ ايران کي نظرانداز ڪري محفوظ نٿو بڻائي سگهجي۔ انتظامي فريم ورڪ اسلام آباد ميمورنڊم جي شق 5 موجب هجڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ متوازي سامونڊي رستي جي معطلي اڻٽر هوندي۔