پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن موجب ڊيزل تي ليوي ۾ 6 رپيا 57 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ ڊيزل تي ليوي وڌي 79 رپيا 54 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي۔
پيٽرول تي ليوي ۾ 39 پئسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن سان پيٽرول تي ليوي وڌي 66 رپيا 64 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي۔
ان کان علاوه گاسليٽ تي ليوي 20 رپيا 36 پئسا في ليٽر برقرار رکي وئي آهي۔
واضح رهي ته حڪومت ايندڙ هڪ هفتي لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي۔