لائیو ڀارت پراڪسي قوتن وسيلي عدم استحڪام پيدا ڪري رهيو آهي: وزيراعظم

فہرستِ مضامین

ڪراچي: وزيراعظم شھباز شريف چيو آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ لاءِ ڳجهن حربن ۽ پراڪسي عنصرن جي استعمال ۾ لاڳيتو اضافو ڪري رهيو آهي۔

پاڪستان نيول اڪيڊمي۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان هن وقت اندروني ۽ بيروني نوعيت جي پيچيده سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي۔ گذريل سال مئي واري تڪرار ۾ شرمناڪ شڪست کان پوءِ اوڀر وارو پاڙيسري ملڪ پاڪستان جي ڏکيائي سان حاصل ڪيل امن ۽ استحڪام کي سبوتاز ڪرڻ لاءِ ڳجهين ڪاررواين ۽ پراڪسي عنصرن جو سهارو وٺي رهيو آهي۔

وزيراعظم چيو ته ٻئي طرف پاڪستان جون بهادر هٿياربند فوجون اولهه وارن سرحدي علائقن مان ٻاهرين سرپرستي هيٺ ٿيندڙ دهشتگردي جو بهادري سان مقابلو ڪري رهيون آهن۔ سڄي پاڪستاني قوم پنهنجي فوج سان گڏ بيٺل آهي ۽ دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهي، جڏهن ته پاڪستان سڀني تڪرارن جي حل لاءِ امن، ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي پاليسي تي به قائم آهي۔

هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين، غزه جي عوام ۽ فلسطينين جي حقِ خوداراديت ۽ انصاف جي حمايت بابت پنهنجي عزم تي ثابت قدم آهي۔

وزيراعظم چيو ته سندس خطاب اهڙي وقت ٿي رهيو آهي جڏهن دنيا غير معمولي عالمي تبديلين جي دور مان گذري رهي آهي، جن جا اثر انساني زندگي تي پئجي رهيا آهن۔

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان عالمي برادري ۾ هڪ امن پسند ملڪ طور پنهنجي سڃاڻپ برقرار رکيو ويٺو آهي۔ برادر ۽ دوست ملڪن جي سهڪار سان پاڪستان جي مخلصاڻين ثالثي ڪوششن جي نتيجي ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي تاريخي صحيحون ٿيون، جن تي ثالث طور کيس به صحيح ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو۔

وزيراعظم فيلڊ مارشل عاصم منير کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته هن سڀني ڌرين کي امن ۽ هم آهنگي جي راهه تي آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪيون آهن۔

هن ايراني صدر مسعود پزشڪيان جي تازي پاڪستان دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته هي دورو پاڪستان ۽ ايران جي مضبوط برادرانه لاڳاپن جو مظهر هجڻ سان گڏ خطي ۾ امن جي واڌاري لاءِ پاڪستان جي اهم ڪردار جو به اعتراف آهي۔

وزيراعظم چيو ته تبديل ٿيندڙ علائقائي صورتحال عالمي معيشت ۽ بين الاقوامي سپلائي چينز لاءِ سامونڊي سلامتي جي اهميت کي وڌيڪ اجاگر ڪري ڇڏيو آهي۔ آزاد سامونڊي آمدرفت ۽ جهازراني جي آزادي هاڻي رڳو سهولت نه پر سڄي دنيا جي ضرورت بڻجي چڪي آهي۔

هن يقين ڏياريو ته حڪومت پاڪستان بحريه کي وڌيڪ مضبوط، مؤثر ۽ جديد دفاعي قوت بڻائڻ لاءِ مڪمل طور تي پرعزم آهي، ته جيئن اها نه رڳو قومي دفاع کي يقيني بڻائي سگهي پر وسيع سامونڊي خطي ۾ استحڪام لاءِ به اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهي۔

پاس آئوٽ ٿيندڙ ڪيڊٽن کي مبارڪباد ڏيندي وزيراعظم چيو ته هو سخت تربيت مڪمل ڪرڻ کان پوءِ پاڪستان بحريه ۾ آفيسر طور پنهنجون ذميواريون سنڀالي رهيا آهن۔ هن تقريب ۾ سريلنڪا، عراق، بنگلاديش، بحرين، ترڪي ۽ جبوتي سان تعلق رکندڙ نوجوان آفيسرن جي موجودگي تي به خوشي جو اظهار ڪيو۔

هن چيو ته کيس يقين آهي ته نيول اڪيڊمي ۾ حاصل ڪيل تربيت، علم ۽ پيشاوراڻيون صلاحيتون انهن آفيسرن جي ڪيريئر ۾ انتهائي فائديمند ثابت ٿينديون ۽ هو پنهنجي پنهنجي بحري فوجن جي صلاحيتن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا۔

وزيراعظم چيو ته اڄ ڪميشن حاصل ڪندڙ آفيسر رڳو علم ۽ مهارت سان نه پر اعتماد، حوصلي ۽ جنگي جذبي سان به ليس ٿي نڪري رهيا آهن، جيڪي مستقبل جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ضروري آهن۔

هن چيو ته اهي آفيسر اهڙي دور ۾ پاڪستان بحريه جو حصو بڻجي رهيا آهن، جڏهن سامونڊي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت (AI) ۽ بنا پائلٽ نظامن جو استعمال تيزي سان وڌي رهيو آهي۔ هن نون آفيسرن تي زور ڏنو ته هو عزم، بهادري، نظم و ضبط، ايمانداري ۽ وفاداري جهڙين قدرن کي هميشه اوليت ڏين۔

وزيراعظم چيو ته اڄ سندن ڪلهن تي لڳندڙ رينڪ وڏي ذميواري جي علامت آهي۔ پرسڪون سمنڊ ڪڏهن به ملاح جي آزمائش نٿو وٺي ۽ نه ئي موافق هوائون ڪپتان جي صلاحيت جو معيار هونديون آهن، پر طوفاني سمنڊ ۽ تيز هوائون ئي انسان جي حوصلي ۽ ڪردار جو اصل امتحان هونديون آهن۔

وزيراعظم آفيس موجب شھباز شريف اڄ صبح ڪراچي پهتو، جتي سنڌ جي گورنر نھال ھاشمي ۽ وڏي وزير مراد علي شاھ سندس استقبال ڪيو۔ ان موقعي تي دفاع وارو وزير خواجہ آصف ۽ وفاقي وزير اطلاعات عطاءَ اللھ تارڙ پڻ ساڻس گڏ هئا۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں