ڪراچي (بيورورپورٽ) سنڌ اسيمبلي ۾ مالي سال 2026-27ع جي بجيٽ تي عام بحث دوران سومر ۽ اڱاري ڏينهن سياسي گرما گرمي عروج تي پهچي وئي، جتي متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) جي ميمبرن وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ سبب ايوان جو ماحول ڇڪتاڻ جو شڪار بڻجي ويو.
ڊپٽي اسپيڪر نويد انٿوني جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ بجيٽ تي بحث جاري هو ته ان دوران ايم ڪيو ايم جي هڪ ميمبر فرحان انصاري ٻوري بند لاش جو ذڪر ڇيڙيندي ڌمڪي ڏني جنهن تي پيپلز پارٽي جي ميمبرن سخت اعتراض ڪندي احتجاج شروع ڪري ڇڏيو. احتجاج دوران ايوان ۾ شور شرابو وڌي ويو ۽ ٻنهي ڌرين جي ميمبرن وچ ۾ سخت لفظن جي ڏي وٺ به ٿي.
صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ اسپيڪر مداخلت ڪئي ۽ اعتراض جوڳا لفظ اسيمبلي جي ڪارروائي مان حذف (ايڪسپنج) ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. اسپيڪر جي فيصلي کانپوءِ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن احتجاجاً ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو. گهرو وزير ضياء لنجار ٻوري بند لاش واري ڌمڪي تي انڪوائري ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو
بجيٽ بحث دوران حڪومت ۽ مخالف ڌر ٻنهي طرفن کان پنهنجي پنهنجي موقف جو ڀرپور اظهار ڪيو ويو. ڪيترن ئي صوبائي وزيرن پنهنجي تقريرن ۾ لاڳاپيل کاتن جي ڪارڪردگي، ترقياتي منصوبن ۽ عوامي ڀلائي لاءِ کنيل قدمن کي اجاگر ڪيو.
صوبائي وزيرن جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت محدود وسيلن باوجود صحت، تعليم، مقامي حڪومتن، زراعت، آبپاشي ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ نمايان ڪم ڪيو آهي، جڏهن ته اپوزيشن ميمبرن حڪومت جي ڪارڪردگي تي تنقيد ڪندي بجيٽ کي عوامي اميدن جي ابتڙ قرار ڏنو.
اجلاس دوران بجيٽ جي مختلف پاسن تي بحث جاري رهيو، جنهن ۾ ترقياتي خرچن، روزگار، شهري سهولتن، پاڻي جي فراهمي، قانون ۽ امن امان سميت ڪيترائي اهم مسئلا اٿاريا ويا.
سياسي مبصرن موجب بجيٽ بحث دوران ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ ان ڳالهه جو اشارو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ بجيٽ جي منظوري ۽ ٻين اهم قانون سازي وارن مرحلن دوران به ايوان ۾ سخت سياسي مقابلو ڏسڻ ۾ اچي سگهي ٿو.
سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اڄ به جاري رهيو، ميمبرن بجيٽ تي پنهنجون تقريرون جاري رکيون ۽ حڪومت بجيٽ بابت اٿاريل اعتراضن جا جواب ڏيندي رهي.