لائیو عورتن کي ٻين جون اميدون پوريون ڪرڻ لاءِ پنھنجون خواھشون ۽ صلاحيتون محدود نہ ڪرڻ گھرجن: جويريا عباسي

فہرستِ مضامین

پاڪستاني اداڪارا جويريا عباسي سماج ۾ ڪامياب، خودمختار ۽ بااعتماد عورتن سان رکيل ٻٽي معيار تي کلي تنقيد ڪئي آهي۔

هڪ انٽرويو ۾ جويريا عباسي چيو آهي ته سماج اڪثر بااعتماد ۽ پنهنجن مقصدن لاءِ جدوجهد ڪندڙ عورتن کي مردن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سختي سان پرکيندو آهي۔

اداڪارا موجب اهڙيون عورتون جيڪي روايتي سماجي اميدن مطابق زندگي گذارين ٿيون، انهن کي مثالي ۽ نيڪ قرار ڏنو وڃي ٿو، جڏهن ته جيڪي عورتون پنهنجن خوابن ۽ هدفن جي حصول لاءِ کليل طور ڪوشش ڪن ٿيون، انهن کي تنقيد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو۔

جويريا عباسي چيو آهي ته اسان جي سماج ۾ هڪ عام سوچ موجود آهي ته جيڪڏهن ڪا عورت خوش، خود اعتماد ۽ ڪامياب هجي ته ان کي منفي نظر سان ڏٺو ويندو آهي۔

هن واضح ڪيو ته عورتن کي صرف ٻين جون اميدن پوري ڪرڻ لاءِ پنهنجون خواهشون ۽ صلاحيتون محدود نه ڪرڻ گهرجن۔

اداڪارا جو چوڻ آهي ته هوءَ پنهنجي زندگي جا مقصد پورا ڪرڻ، خوش رهڻ ۽ ملندڙ موقعن مان ڀرپور فائدو وٺڻ چاهي ٿي۔

هن سوال اٿاريو ته جيڪڏهن ڪنهن عورت ۾ ڪجهه حاصل ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي ته کيس اهو ڪرڻ کان ڇو روڪيو وڃي؟

جويريا عباسي پنهنجي ذاتي زندگي ۽ شادين بابت ٿيندڙ تنقيد جو به ذڪر ڪندي چيو ته مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪجهه ماڻهو عورتن جي ذاتي فيصلن تي تنقيد ڪرڻ کي پنهنجو حق ڇو سمجهن ٿا، خاص طور تي جڏهن انهن فيصلن جو ٻين جي زندگي تي ڪو به اثر نه ٿو پوي ۔

اداڪارا سوشل ميڊيا تي عورتن بابت منفي تبصرن ۽ تنقيد تي به افسوس جو اظهار ڪندي چيو تہ عورتون جيڪو به لباس پائين يا جيڪو به فيصلو ڪن، تنقيد ڪندڙ هميشه موجود هوندا آهن۔

جويريا عباسي ان سوچ تي به ناراضگي ظاهر ڪئي، جنهن تحت عورتن کان اها اميد رکي وڃي ٿي ته هو پنهنجي زندگي پنهنجي مرضي سان گذارڻ بدران خاموش، محدود ۽ هر وقت معذرت خواه بڻيل رهن۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں