واشنگٽن / تهران / بيروت (خابرو ايجنسيون) آمريڪي صدر هڪ ڀيرو ٻيهر ايران کي سخت خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن تهران لبنان ۾ کي سرگرمين ۽ ڪارروائين کان نه روڪيو ته آمريڪا ۽ سندس اتحادي ٻيهر سخت فوجي ڪارروائي ڪرڻ کان نه ڪيٻائيندا. ٽرمپ چيو ته ايران جيڪڏهن پنهنجو رويو تبديل نه ڪيو ته آبنائي هرمز ۽ خطي ۾ وڌيڪ سخت قدم کنيا ويندا.
ٻئي طرف اسرائيلي وزيراعظم چيو آهي ته جيستائين ضروري هوندو، اسرائيلي فوج ڏکڻ لبنان ۾ موجود رهندي. هن دعويٰ ڪئي ته اسرائيل ايران کي جوهري هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو ۽ علائقائي سلامتي لاءِ ضروري قدم کڻندو رهندو.
اسرائيل جي بچاءَ واري وزير پڻ چيو آهي ته اسرائيلي فوج لبنان جي سيڪيورٽي زونن ۾ رهندي ۽ ڪنهن به ممڪن خطري جو فوري جواب ڏنو ويندو.
ان جي جواب ۾ حزب الله جي سربراهه چيو آهي ته صهيوني فوج لبنان ۾ مستقل طور نه رهي سگهندي. هن خبردار ڪيو ته اسرائيل طرفان ڪنهن به قسم جي خلاف ورزي يا جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.
هوڏانهن ايران جي اهم مذاڪراتي اڳواڻ آمريڪي ڌمڪين کي رد ڪندي چيو آهي ته ايران جون هٿياربند فوجون هر قسم جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن. هن چيو ته آمريڪي ڌمڪين جي ڪا اهميت ناهي ۽ واشنگٽن کي پنهنجن بيانن ۾ احتياط ڪرڻ گهرجي.
ايراني صدر پڻ واضح ڪيو آهي ته ايران جوهري هٿيار ٺاهڻ جو ارادو نٿو رکي، پر ملڪ يورينيم افزودگي جي پنهنجي حق تان هرگز پوئتي نه هٽندو.
ٻئي پاسي سوئٽزرلينڊ ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري سفارتي ڳالهين بابت به مثبت اشارا ملي رهيا آهن. سفارتي ذريعن موجب آبنائي هرمز کي کليل رکڻ ۽ علائقائي ڇڪتاڻ گهٽائڻ بابت ڪجهه اڳڀرائي ٿي آهي، جڏهن ته پاڪستان ۽ قطر جي ثالثي هيٺ فني سطح جون ڳالهيون جاري آهن.
سياسي تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته هڪ پاسي سفارتي رابطا جاري آهن، جڏهن ته ٻئي پاسي آمريڪا، اسرائيل، ايران ۽ حزب الله جي بيانن سبب خطي ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي. وچ اوڀر جي صورتحال ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ اهم رخ اختيار ڪري سگهي ٿي، خاص طور تي جيڪڏهن لبنان، اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ تڪرار ۾ وڌيڪ واڌارو ٿيو.