لائیو قطر جي راس لفان گيس ڪمپليڪس ۾ ڌماڪو، 54 ڄڻا زخمي، 18 گم

فہرستِ مضامین

دوحا/راس لفان (خابرو ايجنسيون) قطر جي اهم مائع قدرتي گيس (ايل اين جي) پروسيسنگ مرڪز راس لفان انڊسٽريل سٽي ۾ آچر ڏينهن پيش آيل زور دار ڌماڪي ۽ ان کانپوءِ لڳل باهه جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 54 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته 18 ڄڻا اڃا تائين لاپتا آهن.

قطري اختيارين موجب حادثو راس لفان انڊسٽريل سٽي ۾ هڪ فني خرابي سبب پيش آيو، جنهن کانپوءِ پهرين ڌماڪو ٿيو ۽ پوءِ وڏي پيماني تي باهه ڀڙڪي اٿي. واقعي کان فوراً پوءِ هنگامي امدادي ۽ فائر فائٽنگ ٽيمون موقعي تي پهچي ويون ۽ ڪجهه ئي وقت اندر باهه تي ضابطو آندو ويو.

قطر جي گهرو وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته حادثي ۾ 54 ماڻهو زخمي ٿيا آهن، جن مان ڪجهه کي ويجهن اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. وزارت موجب 18 لاپتا ماڻهن جي ڳولا جاري آهي ۽ بچاءَ جون ٽيمون مڪمل سرگرمي سان امدادي ڪارروائين ۾ مصروف آهن.

وزارت وڌيڪ واضح ڪيو ته ڌماڪو هڪ “ٽيڪنيڪل حادثي” جو نتيجو هو ۽ ان جي ڪري اهڙي قسم جو ڪو به گيس اخراج نه ٿيو آهي، جيڪو عام ماڻهن جي سلامتي يا ماحول لاءِ خطرو بڻجي سگهي.

قطري انٽرنيشنل سرچ اينڊ ريسڪيو گروپ ۽ سول ڊفينس جون ٽيمون گڏيل طور تي لاپتا ماڻهن جي ڳولا لاءِ آپريشن جاري رکيون ويٺيون آهن. اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جي سببن بابت جاچ پڻ شروع ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ وڌيڪ تفصيل سامهون آندا ويندا.

ٻئي طرف قطر انرجي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ واقعي جي تصديق ڪئي وئي آهي، پر اهو واضح نه ڪيو ويو آهي ته ڌماڪي سبب پلانٽ جي تنصيبات يا گيس فراهمي واري نظام کي ڪيترو نقصان پهتو آهي. راس لفان ڪمپليڪس قطر جي مقامي مارڪيٽ کي قدرتي گيس فراهم ڪرڻ واري اهم سهولت طور سڃاتو وڃي ٿو.

خبر رساں اداري موجب هڪ عيني شاهد ٻڌايو ته ڌماڪي جي آواز ايتري ته زور دار هئي جو اها قطر جي گادي واري شهر دوحا ۾ به ٻڌي وئي، جيڪو راس لفان سهولت کان ڏکڻ طرف واقع آهي.

راس لفان انڊسٽريل سٽي دنيا جي سڀ کان وڏي ايل اين جي پيداوار ۽ برآمدي مرڪزن مان هڪ آهي، تنهن ڪري هن حادثي عالمي توانائي مارڪيٽن ۾ به ڳڻتي پيدا ڪري ڇڏي آهي. بهرحال قطري اختيارين جو چوڻ آهي ته صورتحال ڪنٽرول هيٺ آهي ۽ عوام لاءِ في الحال ڪو سڌو خطرو موجود ناهي.

واقعي کانپوءِ زخمين جي علاج، لاپتا ماڻهن جي ڳولا ۽ حادثي جي سببن جي جاچ لاءِ لاڳاپيل ادارا گڏيل طور تي ڪم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ملڪ اندر توانائي جي فراهمي کي معمول مطابق برقرار رکڻ جون ڪوششون پڻ جاري آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں