بيروت: حزب الله جي سربراهه نعيم قاسم چيو آهي ته اسرائيل لبنان ۾ پنهنجي موجودگي برقرار نٿو رکي سگهي۔
هڪ بيان ۾ نعيم قاسم چيو ته لبنان جنگبندي جي ڪنهن به ڀڃڪڙي جو جواب ڏيندو. هن چيو ته نيتن ياهو ايران خلاف جارحيت لاءِ ڊونلڊ ٽرمپ کي راضي ته ڪري ورتو، پر ان مان ڪو به فائدو حاصل نه ٿيو۔
حزب الله جي سربراهه وڌيڪ چيو ته اڄ ايران پنهنجي سپريم ليڊر جي شهادت باوجود اڳ کان به وڌيڪ مضبوط آهي۔