جنگبندي جي اعلان باوجود لبنان تي اسرائيل جا حملا جاري آهن، تازي ڪارروائي ۾ ٻارن ۽ عورتن سميت 7 ڄڻا شهيد ٿي ويا آهن۔
لبناني نيوز ايجنسي موجب اسرائيلي فوج طرفان لبنان تي حملا جنگبندي جي اعلان باوجود به جاري آهن۔
لبناني نيوز ايجنسي ٻڌايو آهي ته اسرائيلي حملن ۾ ٻارڙن ۽ عورتن سميت 7 ڄڻا شهيد ٿي ويا آهن، جڏهن ته صور شهر ۾ به 2 فلسطيني نژاد رهواسي شهيد ٿيا آهن۔
اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چيو آهي ته فوج ڏکڻ لبنان ۾ قائم سيڪيورٽي زون تي پنهنجو قبضو برقرار رکندي. هن چيو ته اسان لبنان ۾ سيڪيورٽي زون قائم ڪيو آهي ۽ عوام جي تحفظ لاءِ جيترو وقت گهربل هوندو، اوتري دير تائين اهو قبضو برقرار رکيو ويندو۔
ٻئي پاسي لبنان تي حملن جي ردعمل ۾ پاسدارانِ انقلاب طرفان آبنائي هرمز جي بندش کي 24 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آهي۔
پاسدارانِ انقلاب جو چوڻ آهي ته ايندڙ حڪم تائين ڪنهن به جهاز يا ٻيڙي کي آبنائي هرمز مان گذرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي۔
تنهن هوندي به آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ايراني بندش باوجود آبنائي هرمز ذريعي تيل جي ترسيل جاري آهي۔
آمريڪي ميڊيا موجب سوئٽزرلينڊ ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ حزب الله جو معاملو هنگامي ايجنڊا ۾ شامل آهي، جڏهن ته اسرائيل سان لاڳاپيل تڪرار ڳالهين جي پهرين ڏينهن غور هيٺ آڻڻ جو شيڊول طئي ڪيو ويو آهي۔