اسلام آباد: پاڪستان ۽ قطر پاران ايران-آمريڪا ڳالهين بابت گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب حتمي معاهدي لاءِ 60 ڏينهن جو روڊ ميپ طئي ڪيو ويو آهي ۽ ڳالهين جي نگراني لاءِ هڪ ڪميٽي قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي۔
پرڏيهي آفيس موجب اسلام آباد مفاهمتي يادداشت جي فريم ورڪ تحت اعليٰ سطحي ڳالهين جو پهريون دور سوئٽزرلينڊ جي شهر برگن اسٽاڪ ۾ پڄاڻي تي پهتو، جنهن ۾ ايران، آمريڪا ۽ ثالثي ڪندڙ ٻن ملڪن قطر ۽ پاڪستان جي نمائندن شرڪت ڪئي۔
پڌرائي موجب ليڪ لوسرن سربراهي اجلاس مثبت ۽ تعميري ماحول ۾ منعقد ٿيو، جتي ڳالهين ۾ همٿائيندڙ اڳڀرائي ٿي ۽ وڌيڪ فني ڳالهين لاءِ نئين طريقيڪار جي قيام تي به اتفاق ٿيو۔
مفاهمتي يادداشت جي بنياد تي ڌرين هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جيڪا ثالثي واري عمل جي سياسي نگراني ڪندي. مرڪزي ڳالهيون ڪندڙ باقاعدگي سان هن ڪميٽي کي رپورٽون پيش ڪندا، جڏهن ته جوهري معاملن، پابندين، نگراني ۽ تڪرارن جي حل بابت ورڪنگ گروپن جي اڳواڻي پڻ ڪندا ته جيئن مفاهمتي يادداشت ۽ ٻين معاملن تي مؤثر عملدرآمد يقيني بڻائي سگهجي۔
اعليٰ سطحي ڪميٽي 60 ڏينهن اندر حتمي معاهدي تائين پهچڻ لاءِ هڪ روڊ ميپ تي به اتفاق ڪيو آهي، جنهن سان فوري طور وڌيڪ فني ڳالهين جي شروعات ممڪن بڻبي. ان کان علاوه مفاهمتي يادداشت جي پيراگراف 5 ۾ ڄاڻايل مدي دوران ڌرين جي وچ ۾ هڪ رابطي واري مواصلاتي لائن به قائم ڪئي وئي آهي ته جيئن غلط فهمين ۽ ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کان بچي سگهجي ۽ آبنائي هرمز مان گذرندڙ واپاري جهازن جي محفوظ آمدورفت کي يقيني بڻائي سگهجي۔
ڌرين هڪ “ڊي ڪنفلڪشن سيل” (تڪرار کان بچاءُ واري رابطا مرڪز) قائم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي، جنهن ۾ ڌريون ۽ جمهوريه لبنان شامل هوندا، جڏهن ته ثالثي ڪندڙ ملڪ ان جي مدد ڪندا. هن مرڪز جو مقصد لبنان ۾ فوجي ڪاررواين جي خاتمي بابت مفاهمتي يادداشت تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ آهي۔
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته سڀني معاملن تي فني سطح جون ڳالهيون هفتي جي باقي ڏينهن دوران برگن اسٽاڪ ريزورٽ ۾ جاري رهنديون۔
پڌرائي موجب ثالثي ڪندڙ ملڪ پنهنجي ڀرپور ڪوششون کي جاري رکندا ته جيئن ڳالهيون مثبت ۽ تعميري ماحول ۾ اڳتي وڌنديون رهن ۽ آخرڪار هڪ حتمي معاهدي تائين پهچي سگهجي۔
قطر ۽ پاڪستان آمريڪا ۽ ايران جي سفارتڪاري ۽ تڪرار جي پُرامن حل لاءِ جاري عزم کي ساراهيو آهي. ٻنهي ثالث ملڪن انهن دوست ۽ ڀائر ملڪن جا به ٿورا مڃيا آهن، جن ڳالهين جي عمل ۾ مسلسل سهڪار ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو۔