ايران ( ويب ڊيسڪ ) ايران ۾ آمريڪا سان نئين معاهدي بابت بحث تيز ٿي ويو آهي ۽ ڪيترن سياسي، مذهبي ۽ قومپرست حلقن ان جي سخت مخالفت شروع ڪري ڇڏي آهي. مخالف ڌرين جو چوڻ آهي تہ جيڪڏھن اهڙو معاهدو طئي ٿيو تہ اهو ايران جي خودمختياري، قومي مفادن ۽ آزادي لاءِ وڏو خطرو ثابت ٿي سگهي ٿو.
تجزئي نگارن موجب ايران جي اندر اهي بحث ان وقت سامهون آيا آهن جڏھن تهران ۽ واشنگٽن وچ ۾ جوھري پروگرام، اقتصادي پابندين ۽ علائقائي سلامتي بابت سفارتي رابطا جاري آهن. ڪجهه حلقا سمجهن ٿا تہ آمريڪا سان لاڳاپن ۾ بهتري اقتصادي بحران مان نڪرڻ جو رستو ٿي سگهي ٿي، جڏھن تہ مخالفن جو خيال آهي تہ آمريڪا سان ڪنهن به وڏي معاهدي جي قيمت ايران کي پنهنجي سياسي آزادي جي صورت ۾ ادا ڪرڻي پوندي.
آمريڪي ڪالوني بڻجڻ جو خطرو”
معاهدي جي مخالفن جو چوڻ آهي تہ جيڪڏھن آمريڪا کي ايران جي معيشت، توانائي، واپار يا سلامتي پاليسين تي اثرانداز ٿيڻ جو موقعو مليو تہ ملڪ آهستي آهستي واشنگٽن جي سياسي اثر هيٺ اچي ويندو.
هڪ مخالف موجب اهڙي قسم جو معاهدو “برابري جي بنياد تي تعاون نہ پر هڪ طاقتور ملڪ جي شرطن کي قبول ڪرڻ” جي برابر هوندو. انهن جو چوڻ آهي تہ ايران جي اسلامي انقلاب جو بنيادي نعرو ئي پرڏيهي مداخلت کان آزادي هو، تنهن ڪري اهڙي ڪنهن بہ معاهدي کي انقلاب جي اصولن جي ابتڙ سمجهيو پيو وڃي.
اقتصادي بحران ۽ عوامي اميدون
ٻئي طرف ڪيترائي ايراني شهري ۽ معاشي ماهر سمجهن ٿا تہ آمريڪي پابندين سبب ايران جي معيشت تي وڏو بار پيو آهي. مهانگائي، بيروزگاري، ڪرنسي جي قدر ۾ گهٽتائي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري جي کوٽ سبب عام ماڻهو سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رھيا آهن.
انهن جو موقف آهي تہ جيڪڏهن ڪنهن معاهدي سان پابنديون ختم ٿين ٿيون ۽ عالمي واپار جا دروازا کلي وڃن ٿا تہ ايران جي معيشت کي فائدو پهچي سگهي ٿو.
تاريخي بي اعتمادي
ايران ۽ آمريڪا جا لاڳاپا 1979ع جي اسلامي انقلاب کان پوءِ مسلسل ڇڪتاڻ جو شڪار رھيا آهن. ايراني سماج جي هڪ وڏي حصي ۾ اڃا تائين اهو احساس موجود آهي ته آمريڪا ماضي ۾ ايران جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪندو رھيو آهي. ان ڪري ڪيترائي ماڻهو واشنگٽن جي نيتن تي اعتماد ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.
سياسي مبصرن جو چوڻ آهي ته اها تاريخي بي اعتمادي ئي آهي جيڪا ڪنهن به نئين معاهدي کي ايران جي اندر انتهائي حساس موضوع بڻائي ٿي.
ايراني قيادت لاءِ صورتحال آسان ناهي. هڪ طرف معاشي دٻاءُ ۽ عوامي مسئلا آهن، جڏهن ته ٻي طرف ملڪ جي سياسي ۽ انقلابي حلقن جو دٻاءُ آهي جيڪي آمريڪا سان ويجها لاڳاپا قائم ڪرڻ جي مخالفت ڪن ٿا.
ماهرن جو خيال آهي ته ايندڙ مهينن ۾ جيڪڏھن ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڪا اهم پيش رفت ٿئي ٿي ته ان تي ملڪ اندر شديد سياسي بحث جاري رھندو. حڪومت کي اقتصادي ضرورتن ۽ قومي خودمختياري بابت خدشن جي وچ ۾ توازن قائم ڪرڻو پوندو.