بلديا فيڪٽري سانحي جا جوابدار ڀولا ۽ چريا  بري، 260 کان وڌيڪ فوتگين باوجود وارثن جي سوالن جا جواب نه مليا

فہرستِ مضامین

اسلام آباد / ڪراچي: (بيوررپورٽ)

 پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان المناڪ صنعتي حادثن مان هڪ، 2012ع جي برديا ٽائون علي انٽرپرائزز فيڪٽري سانحي ۾ موت جي سزا ماڻيندڙ ٻن اهم جوابدارن کي سپريم ڪورٽ بري ڪري ڇڏيو آهي. عدالت پاران عبدالرحمان عرف ڀولا ۽ زبير عرف چرياکي “شڪ جو فائدو” ڏيندي سندن سزائون ختم ڪرڻ کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر اهو سوال اڀري آيو آهي ته جيڪڏهن هي جوابدار به بيگناهه هئا ته پوءِ 260 کان وڌيڪ مزدورن جي موت جو ذميوار آخر ڪير آهي؟

11 سيپٽمبر 2012ع تي ڪراچي جي برديا ٽائون ۾ واقع علي انٽرپرائزز گارمينٽ فيڪٽري ۾ لڳل باهه سبب 260 کان وڌيڪ مزدور سڙي فوت ٿي ويا هئا. اهو واقعو پاڪستان جي تاريخ جو بدترين صنعتي سانحو قرار ڏنو ويندو آهي.

سپريم ڪورٽ جو فيصلو

سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ، جنهن جي سربراهي جسٽس ملڪ شهزاد احمد ڪئي، عبدالرحمان ڀولا ۽ زبير ڇاريا جون اپيلون منظور ڪندي سندن موت جون سزائون ختم ڪري ڇڏيون. عدالت قرار ڏنو ته پراسيڪيوشن الزام ثابت ڪرڻ لاءِ گهربل معيار موجب ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، تنهنڪري جوابدارن کي شڪ جو فائدو ڏنو وڃي. تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.

هي ٻئي جوابدار 2020ع ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران موت جي سزا جا حقدار قرار ڏنا ويا هئا، جڏهن ته 2023ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ به اها سزا برقرار رکي هئي.

وارثن جا اعتراض ۽ سوال

متاثر خاندانن جو چوڻ آهي ته 14 سالن کان هو انصاف جا منتظر آهن. جيڪڏهن عدالت هاڻي اهم جوابدارن کي بري ڪري رهي آهي ته پوءِ انهن سوين مزدورن جي موت جو ذميوار ڪير آهي، جيڪي فيڪٽري اندر ڦاسي سڙي ويا هئا؟

ڪيترن ئي وارثن جو موقف آهي ته شروع کان ئي جاچ ۾ تضاد موجود هئا. ڪڏهن باهه کي شارٽ سرڪٽ جو نتيجو قرار ڏنو ويو، ته ڪڏهن ڀتي خوري (ڀتو) جي تڪرار سبب ڄاڻي واڻي باهه لڳائڻ جو الزام سامهون آيو. هاڻي جوابدارن جي بري ٿيڻ کان پوءِ پراڻي ڪهاڻي ٻيهر سوالن جي گهيري ۾ اچي وئي آهي.

“هي ڀتي خوري جو ڪيس ئي نه هو”

قانوني ماهرن ۽ ڪجهه متاثر خاندانن جو چوڻ آهي ته سڄي ڪيس کي سالن تائين ڀتي خوري ۽ سياسي دهشتگردي جي رخ ۾ هلائڻ سبب اصل ذميوارين، فيڪٽري جي حفاظتي انتظامن جي کوٽ ۽ انتظامي ناڪامين تي گهربل ڌيان نه ڏنو ويو. فيڪٽري ۾ ايمرجنسي نڪرڻ جا رستا بند هجڻ، حفاظتي نظام جي ناڪامي ۽ باهه وسائڻ جي ناقص انتظامن بابت به شروع کان سنجيده سوال اٿاريا ويندا رهيا آهن.

پاڪستان جي بدترين صنعتي سانحن مان هڪ

برديا فيڪٽري سانحو نه رڳو سوين خاندانن کي اجاڙي ويو، پر پاڪستان ۾ صنعتي تحفظ جي صورتحال بابت به عالمي سطح تي سوال اٿاريا. ان واقعي کان پوءِ متاثر خاندانن کي معاوضا ڏنا ويا، پر ڪيترن جو چوڻ آهي ته مالي مدد سان پنهنجا پيارا واپس نٿا اچي سگهن ۽ اصل ضرورت انصاف جي آهي.

اڻپورا سوال

سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر اهي سوال سامهون اچي ويا آهن:

جيڪڏهن بري ٿيل جوابدار ڏوهاري نه هئا ته اصل ذميوار ڪير آهي؟

ڇا جاچ ۾ بنيادي خاميون هيون؟

ڇا سانحو ڀتي خوري سبب پيش آيو يا ان جا ٻيا سبب هئا؟

سوين مزدورن جي موت جو قانوني ۽ اخلاقي حساب آخر ڪير ڏيندو؟

برديا فيڪٽري سانحي کي 14 سال گذرڻ باوجود، ڪيترن ئي متاثر خاندانن لاءِ انصاف جي ڳولا اڃا ختم ناهي ٿي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں