بالي ووڊ اداڪارا ڪترينا ڪيف جي اسڪرين ايڪٽنگ ۾ واپسي بابت هلندڙ قياس آرائين تي حتمي وضاحت سامهون اچي وئي آهي۔
ڀارتي ميڊيا موجب ڪترينا ڪيف جي آفيشل ٽيم انهن تازين ميڊيا رپورٽن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي، جن ۾ دعويٰ ڪئي پئي وئي ته اداڪارا 2027ع ۾ اداڪاري جي دنيا ۾ واپسي جو منصوبو ٺاهي رهي آهي۔
اداڪارا بابت اهو به چيو پئي ويو ته هوءَ او ٽي ٽي پليٽ فارم تي پنهنجي شروعاتي انٽري ڪرڻ واري آهي، پر سندس ٽيم اهڙين خبرن کي به رد ڪري ڇڏيو آهي۔
تنهن هوندي به هاڻي ڪترينا ڪيف جي ٽيم واضح ڪري ڇڏيو آهي ته اهڙيون دعوائون ۽ رپورٽون رڳو قياس آرائين تي ٻڌل ۽ بي بنياد آهن۔
ڀارتي ميڊيا موجب ڪترينا ڪيف کي آخري ڀيرو جنوري 2024ع ۾ رليز ٿيل ٿرلر فلم “ميري ڪرسمس” ۾ ڏٺو ويو هو۔
واضح رهي ته گذريل سال نومبر ۾ ڪترينا ڪيف ۽ وڪي ڪوشل جي گهر پهرئين ٻار (پٽ) جي پيدائش ٿي هئي، جنهن کان ڪجهه وقت اڳ ئي اداڪارا ڪم کان وقفو ورتو هو۔
ياد رهي ته 9 ڊسمبر 2021ع تي ڪترينا ڪيف ۽ وڪي ڪوشل راجسٿان جي هڪ ريزورٽ ۾ شاهي انداز سان شادي ڪئي هئي۔