پاڪستان ون ڊي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شاھين شاھ آفريدي کي ٽيسٽ ٽيم ۾ شامل نه ڪيو ويندو۔
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ لاهور ۾ 49 رانديگرن کي ڪيمپ ۾ گهرايو آهي، جن مان 22 رانديگر ٽيسٽ ۽ 27 رانديگر ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ڪيمپ لاءِ چونڊيا ويا آهن۔
وائٽ بال ٽيم جو ڪيمپ 18 سيپٽمبر تائين هلندو، جڏهن ته ريڊ بال رانديگرن جو ڪيمپ 10 جولاءِ تائين جاري رهندو. ويسٽ انڊيز جي دوري لاءِ امڪاني طور تي ڪيمپ 15 جولاءِ کان شروع ٿيندو۔
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ٿنڪ ٽينڪ ون ڊي ٽيم جي ڪپتان شاھين شاھ آفريدي جي ٽيسٽ ٽيم جي ڪيمپ ۾ چونڊ نھ ڪئي، جڏهن ته سندس نالو وائٽ بال ڪيمپ جي 27 رانديگرن ۾ شامل آهي ۽ امڪان آهي ته هو 15 جون تي ڪيمپ ۾ رپورٽ ڪندو۔
خيبر ايجنسي سان تعلق رکندڙ 26 ورهين جي شاهين شاه آفريدي ڊسمبر 2017ع ۾ پنهنجو پهريون ٽيسٽ شيخ زيد ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ابوظهبي ۾ نيوزيلينڊ خلاف کيڏيو هو، جڏهن ته آخري ٽيسٽ هن مئي 2026ع ۾ بنگلاديش خلاف ميرپور ۾ کيڏيو۔ هن 34 ٽيسٽن ۾ 1114 اوورن دوران 3545 رنز ڏئي 126 وڪيٽون حاصل ڪيون۔
شاهين آفريدي آخري ٽيسٽ بنگلاديش خلاف کيڏيو، جتي پاڪستان کي ميزبان هٿان 104 رنز جي شڪست ملي. ان ميچ جي پهرين اننگز ۾ هن 31.1 اوورن ۾ 113 رنز ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته ٻي اننگز ۾ 16 اوورن ۾ 54 رنز ڏئي 2 وڪيٽون حاصل ڪيون. ان کانپوءِ سلهٽ جي ٻي ٽيسٽ ۾ کيس ڊراپ ڪري خرم شھزاد کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو۔
بنگلاديش دوري دوران شاهين آفريدي جي بالنگ اسپيڊ تي سخت تنقيد ٿي، جتي هو عام طور تي 140پلس ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان بالنگ ڪرائيندو آهي، پر ان دوري ۾ سندس رفتار لڳ ڀڳ 134 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين گهٽجي وئي۔
17 ورهين جي عمر ۾ آر ڪي ايل لاءِ راولپنڊي خلاف پهريون فرسٽ ڪلاس ميچ کيڏندڙ شاهين آفريدي بابت بورڊ کي خدشا آهن ته هو باقاعده فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ نٿو کيڏي، ۽ چار ڏينهن واري ڪرڪيٽ کان سواءِ ٽيسٽ سطح تي سندس ڪارڪردگي بهتر ٿيڻ جا امڪان گهٽ آهن. انهيءَ بنياد تي فيصلو ڪيو ويو آهي ته مستقبل ۾ ون ڊي ٽيم جي ڪپتان کي ٽيسٽ ٽيم لاءِ شامل نه ڪيو ويندو۔