لائیو پاڪستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ شراڪتداري کي وڌيڪ ھٿي وٺرائڻ تي اتفاق

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: پاڪستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ شراڪتداري کي وڌيڪ ھٿي وٺرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.

نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي ڪايا ڪالاس سان ملاقات 8هين اسٽريٽجڪ ڳالهين کان اڳ ٿي، جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن جي مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي۔

ان کان پوءِ پرڏيهي وزارت اسلام آباد ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ 8هين اسٽريٽجڪ ڳالهين جو انعقاد ٿيو.

نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پاڪستان ۽ يورپي يونين جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته هو يورپي يونين جي وفد کي ڀليڪار چون ٿا، پاڪستان يورپي يونين سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو، ۽ اسٽريٽجڪ ڳالهين جو تسلسل هڪ متحرڪ ۽ مستقبل تي ٻڌل شراڪتداري جي عڪاسي ڪري ٿو.

هن چيو ته يورپي يونين جي قيادت ۽ نائب صدر ڪايا ڪالاس جا پاڪستان سان مسلسل رابطا قابلِ قدر آهن، ۽ عالمي ۽ علائقائي معاملن خاص طور تي پاڪستان-ڀارت جنگ ۽ آمريڪا-ايران تڪرار تي ويجهو رابطو رهيو آهي.

اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ واپار سميت ٻين ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن، ۽ پاڪستان-يورپي يونين اسٽريٽجڪ وژن ڊگهي مدي واري شراڪتداري کي نئون رخ ڏئي سگهي ٿو.

نائب وزيراعظم وڌيڪ چيو ته وزيراعظم ۽ يورپي قيادت وچ ۾ رابطا ٻه طرفي لاڳاپن لاءِ انتهائي اهم قرار ڏنا ويا آهن۔

ان موقعي تي يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه ڪايا ڪالاس چيو ته پاڪستان جو دورو ڪرڻ تي کيس تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. آمريڪا-ايران ڳالهين ۾ ثالثي ۾ پاڪستان جو ڪردار انتهائي ساراهه جوڳو آهي، ۽ ان تڪرار سبب سڄي دنيا توانائي جي بحران جو شڪار آهي.

هن چيو ته موجوده عالمي صورتحال ۾ مستقل جنگبندي ۽ ڳالهين جو تسلسل انتهائي ضروري آهي، ۽ علائقائي ۽ عالمي استحڪام لاءِ پاڪستان ۽ يورپي يونين جا ترجيحي مقصد هڪجهڙا آهن.

ڪايا ڪالاس چيو ته پاڪستان-يورپي يونين شراڪتداري واپار جي لحاظ کان اهم آهي ۽ معاشي ترقي جي ضمانت آهي، جڏهن ته سال 2026 جو اصل هدف پاڪستان-يورپي يونين لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستقبل تي ٻڌل بڻائڻ آهي.

ان کان اڳ يورپي يونين جي پرڏيھي معاملن بابت اعليٰ نمائندي ڪايا ڪالاس جي پرڏيهي وزارت آمد ٿي، جتي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سندس آجيان ڪئي۔

پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي وزيراعظم ۽ صدرِ مملڪت سميت پاڪستان جي اعليٰ قيادت سان به ملاقاتون ڪندي.

ترجمان پرڏيهي وزارت مطابق هي دورو پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي سياسي رابطن جي تسلسل جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ ٻنهي ڌرين جي ان گڏيل عزم کي اجاگر ڪري ٿو ته پاڪستان-يورپي يونين شراڪتداري کي وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں