پاڪستاني اداڪارا مومنہ اقبال جي شادي جون تقريبون سوشل ميڊيا تي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهن.
اداڪارا تازو ئي پنهنجي ميندي واري تقريب جون خوبصورت تصويرون شيئر ڪيون، جيڪي مداحن ۾ تيزي سان وائرل ٿي رهيون آهن.
مومنہ اقبال پنهنجي ميندي لاءِ سنھري جوڙي جي چونڊ ڪئي، جنهن تي نفيس ٽون-آن-ٽون ڪڙهائي ٿيل هئي. ٻئي طرف سندس گھوٽ حمزه حبيب سنهري ڪم سان سينگاريل ڪاري شيرواني پاتي، ۽ هن جوڙي رنگ برنگي ڪشيده ڪاري واري روايتي شال سان تصويرون ڪڍرائي پنهنجي خوبصورت جوڙي کي وڌيڪ نمايان بڻايو۔
اداڪارا تصويرون شيئر ڪندي پنهنجي گھوٽ جي نالي محبت ڀريو پيغام به لکيو: “منهنجو حمزه”، جنهن کي مداحن تمام گهڻو پسند ڪيو.
ميندي واري تقريب ۾ مومنہ رسٽ (گلابي) رنگ جو خوبصورت جوڙو پاتو، روايتي زيور، هٿن تي ميندي ۽ سون جي چوڙين سندس برائڊل لُڪ کي وڌيڪ دلڪش بڻائي ڇڏيو۔
ياد رهي ته مومنہ اقبال تازو شادي کان اڳ هڪ تڪرار جي ڪري به خبرن ۾ رهي، پر سڀني مشڪلاتن باوجود هن حمزه حبيب سان طئي ٿيل تقريبون شروع ڪيون ۽ هاڻي سندن شادي جون رنگين تقريبون جاري آهن۔
مداح سوشل ميڊيا تي هن جوڙي کي مبارڪون ڏئي رهيا آهن ۽ ساڳئي وقت مومنہ اقبال جي روايتي ۽ دلڪش برائيڊل انداز جي به دل کولي تعريف ڪري رهيا آهن۔