لائیو ڪميونسٽ پارٽي جي تاريخ: ڪانپور اجلاس کان ورهاڱي تائين

فہرستِ مضامین

حصو پهريون

تحرير :  شڪيل سومرو

برصغير جي سياسي تاريخ ۾ ڪانپور جو ڪميونسٽ اجلاس رڳو هڪ گڏجاڻي نه هئي، پر هڪ نئين فڪري طوفان جي شروعات هئي، جنهن هندستان جي آزاديءَ واري تحريڪ کي صرف قومي نه پر طبقاتي ۽ سماجي انقلاب ڏانهن موڙي ڇڏيو۔ اهو ئي اهو دور هو جڏهن M. N. Roy جهڙا مفڪر ماسڪو کان وٺي هندستان تائين اهو سوال اٿاري رهيا هئا ته آزادي صرف برطانوي راڄ جي خاتمي تائين محدود نه هجڻ گهرجي، پر مزدور ۽ هاري به اقتدار جو حصو بڻجن۔

1920ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا اندر فڪري ۽ تنظيمي بنياد پئجي رهيا هئا، تڏهن برصغير ۾ سياست ٻن  فڪري ڌارائن   ۾ ورهائجي رهي هئي، هڪ طرف قومي تحريڪ هئي جنهن جي اڳواڻي انڊين نيشنل ڪانگريس ڪري رهي هئي ۽ ٻي طرف  کاٻي ڌر هئي جيڪا سماج جي بنيادي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جو خواب ڏسي رهي هئي۔

ڪميونسٽ سوچ صرف سياسي آزادي نه، پر زمين، مزدور، ڪارخانن ۽ وسيلن جي منصفاڻي ورهاست جو تصور پيش ڪري رهي هئي۔ اهو ئي سبب هو جو ايم اين راء  , ڊانگي، مظفر احمد,پي سي جوشي ,چارو مجمعدار,حسرت موهاني ۽ ٻين اڳواڻن مزدور تحريڪن کي منظم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ سياست کي رستن کان ڪڍي ڪارخانن ۽ ڳوٺن تائين پهچايو۔

ورهاڱي کان اڳ ڪميونسٽ تحريڪ برصغير ۾ هڪ گڏيل فڪري وهڪرو هئي، پر 1947ع جي ورهاڱو هن تحريڪ کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو—هندستان ۾ هڪ منظم پارٽي رهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ ان جي شروعاتي شڪل وڌيڪ جدوجهد، پابندين ۽ غير يقيني سياسي ماحول ۾ سامهون آئي۔

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ کاٻي ڌر جي سياست کي سخت رياستي دٻاءُ، گرفتارين ۽ سياسي پابندين کي منهن ڏيڻو پيو، پر ان باوجود مزدور تحريڪن، شاگرد سياست ۽ سنڌ، پنجاب ۽ بنگال جي مختلف حلقن ۾ ڪميونسٽ فڪر زنده رهيو۔

اهڙي طرح برصغير جي ڪميونسٽ تحريڪ هڪ عالمي فڪري انقلاب کان شروع ٿي، ڪانپور جهڙن اجلاس مان گذري، آزاديءَ جي جدوجهد سان ٽڪرائجي ۽ پوءِ ورهاڱي کان پوءِ ٻن جدا سياسي حقيقتن ۾ ورهائجي وئي پر ان جو فڪري اثر اڄ به ڏکڻ ايشيا جي سياست ۾ محسوس ٿئي ٿو۔

ڪانپور واري اجلاس کان پوءِ برصغير جي کاٻي ڌر جي سياست هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي وئي، جتي نظريو هاڻي رڳو ڪتابن يا بحثن تائين محدود نه رهيو، پر زميني تحريڪن، مزدور تنظيم سازي ۽ انقلابي نيٽ ورڪ جي صورت اختيار ڪري ويو۔ ان فڪري وهڪري جي شروعاتي محرڪن ۾ M. N. Roy جهڙو عالمي مفڪر شامل هو، جنهن ماسڪو کان وٺي برصغير تائين ڪميونسٽ سوچ کي هڪ بين الاقوامي سياسي ايجنڊا سان جوڙيو۔

ايم اين راءِ رڳو هڪ انقلابي نه، پر هڪ عالمي سطح جو سياسي مفڪر هو، جنهن برصغير جي آزاديءَ واري جدوجهد کي صرف قومپرستي تائين محدود نه ڏٺو، پر ان کي طبقاتي جدوجهد ۽ عالمي مزدور تحريڪ سان جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي۔

ڪانپور اجلاس کان اڳ ئي  ايم اين راءِ ماسڪو ۽ ڪميونسٽ انٽرنيشنل سان سلهاڙجي چڪو هو، جتي هن نوآبادياتي ملڪن جي آزاديءَ بابت نظرياتي بحثن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔ سندس خيال هو ته هندستان جي آزادي صرف برطانوي راڄ جي خاتمي سان مڪمل نه ٿيندي، پر ان لاءِ سماجي ۽ معاشي انقلاب به ضروري آهي۔

ڪانپور اجلاس کان اڳ هن ڪميونسٽ ڪارڪنن کي منظم ڪرڻ، فڪري بنياد فراهم ڪرڻ ۽ عالمي ڪميونسٽ تحريڪ سان ڳنڍڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔ اهو ئي سبب هو جو هندستان ۾ ڪميونسٽ سياست جو ابتدائي فڪري خاڪو گهڻي حد تائين سندس سوچ جو عڪس هو۔

ايم اين راءِ پهرين مهاڀاري جنگ دوران آمريڪا ۾ رهيو، جتي سندس ملاقات لالا لجپت راءِ سان ٿي، جنهن ايم اين  راءکي سياسي ۽ فڪري سهڪار فراهم ڪيو۔ پوءِ راء ميڪسيڪو ويو ۽ اتي ڪميونسٽ پارٽي جو بنياد وڌائين۔  لينن کيس روس ۾ ٿيندڙ ڪميونسٽ انٽرنيشنل ۾ شرڪت جي دعوت ڏني۔ سوويت يونين ۾ رهندي ايم اين راء  نه رڳو لينن پر اسٽالن، ٽراٽسڪي ۽ ميڪسم گورڪي جهڙين اهم شخصيتن سان ويجها لاڳاپا قائم ڪيا۔

ھن  ڪميونسٽ انٽرنيشنل جي ويهڪن ۾ قومي ۽ نوآبادياتي سوال تي هڪ اهم ٿيسز پيش ڪئي، جنهن کي وڏي مڃتا ملي۔ هن انڊين ملٽري اسڪول پڻ قائم ڪيو، جتي هندستاني ڪارڪنن کي انقلابي فڪر ۽ هٿياربند جدوجهد جي تربيت ڏني ويندي هئي۔ ايم اين راءج ڪوشش سان 17 آڪٽوبر 1920ع تي جلاوطن انڊين ڪميونسٽ پارٽي جو قيام عمل ۾ آيو۔ 1921ع کان 1929ع تائين راء هندستان ۽ چين ۾ ڪميونسٽ تحريڪ کي منظم ۽ سگهارو ڪرڻ ۾ سرگرم رهيو ۽ عالمي سطح تي هڪ اهم انقلابي اڳواڻ طور سڃاڻپ ماڻي۔

1927ع ۾ راء کي چين ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي تنظيم سازي جي ذميواري سونپي وئي، جتي سندس ملاقات مائوزي تنگ، چو اين لائي ۽ ٻين چيني انقلابي اڳواڻن سان ٿي۔

هو لينن جي خيالن کان گهڻو متاثر هو ۽ نوآبادياتي ملڪن جي انقلاب کي عالمي ڪميونسٽ حڪمت عملي جو حصو سمجهندو هو۔

ان ئي دور ۾ هندستان جي قومي سياست ۾ ٻه متوازي تحريڪون هلڻ لڳيون هڪ طرف اعتدال پسند ۽ قومي آزاديءَ واري تحريڪ ۽ ٻي طرف انقلابي ۽ سوشلسٽ سوچ جيڪا طبقاتي انقلاب تي زور ڏئي رهي هئي۔ لالا لجپت راء جهڙا اڳواڻ جتي برطانوي راڄ خلاف سخت احتجاجي سياست جي علامت هئا، اتي ڀڳت سنگھ ,راج گرو ,سکديو ,چندر شيکر جهڙا نوجوان ان جدوجهد کي وڌيڪ انقلابي ۽ سوشلسٽ رخ ڏئي رهيا هئا.

ساڳئي وقت سباش چندر بوس جهڙا اڳواڻ به سامراج خلاف سخت موقف اختيار ڪري رهيا هئا، جن جو خيال هو ته آزادي صرف ڳالهين يا نرم سياست سان نه ملندي، پر منظم مزاحمت سان حاصل ٿيندي۔ جڏهن ته حسرت موهاني ,سوهن سنگھ جوش, ھري ڪرشنا ڪنور  جهڙيون فڪري شخصيتون “انقلابي آزادي” سان گڏ سوشلسٽ رياست جو به تصور پيش ڪري رهيون هيون۔

1920ع کان 1930ع تائين ڪميونسٽ تحريڪ اندر هڪ اهم نظرياتي ورهاست واضح ٿيڻ لڳي هڪ ڌڙو ماسڪو ۽ سوويت يونين جي پاليسين سان مڪمل وفاداري رکندو هو، جنهن کي بعد ۾ “ماسڪو نواز” رجحان چيو ويو، جڏهن ته ٻيو ڌڙو چين جي انقلابي ماڊل ۽ زرعي گوريلا جدوجهد کان متاثر ٿي “چين نواز” فڪر ڏانهن مائل ٿيو۔

ان فڪري ورهاست رڳو نظرئي تي اثرانداز نه ٿي پر تنظيم سازي تي به ان جو اثرٿيو، جنهن سبب ڪميونسٽ تحريڪ اندر اختلاف، گروهه بندي ۽ حڪمت عملي جا نوان سوال پيدا ٿيا۔ ان ئي دور ۾ برطانوي حڪومت “ميرٺ سازش ڪيس” ,پشاور سازش ڪيس, ڪانپور بالشيوڪ سازش ڪيس جهڙا سخت ڪيس داخل ڪري ڪميونسٽ اڳواڻن کي نشانو بڻايو، جتي شريپاد امرت ڊانگي ,مندرناٿ راء ,مظفر احمد,شوڪت عثماني,غلام حسين ,آرسي شرما ۽ ٻين ڪيترن اڳواڻن کي جيل ۽ پابندين جو منهن ڏسڻو پيو۔

انهن ڪيسن کانپوء اخبارن ۾ ڪميونزم بابت وڏي پئماني تي بحث شروع ٿيو ۽ عام ماڻھن کي پهريون ڀيرو ڪميونسٽ نظرئي,ان جي اصولن ۽ عالمي ڪميونسٽ تحريڪ جي مقصدن بابت ڄاڻ ملڻ شروع ٿي. انهن مان هڪڙي ڪيس ۾ ڪميونسٽ اڳواڻ غلام حسين  اهو اعتراف ڪيو ته هن ڪابل ۾ روسين کان پئسا ورتا هئا.

1934 ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا کي عالمي ڪميونسٽ تنظيم جي ڀارتي شاخ طور تسليم ڪيو ويو.

ساڳئي سال جڏھن ڀارت ۾ کاٻي ڌر جي سياسي قوتن ” ڪانگريس سوشلسٽ پارٽي ” قائم ڪئي تڏھن ڪميونسٽ پارٽي ان کي سماجي فاشسٽ قرار ڏنو.

“ليگ اگينسٽ گانڌيزم”، جيڪا شروعات ۾ “گانڌي بائيڪاٽ ڪميٽي” جي نالي سان سڃاتي ويندي هئي، ڪلڪتي ۾ هڪ سياسي تنظيم طور قائم ڪئي وئي۔ هي تنظيم زيرزمين ڪميونسٽ پارٽي ۽ ٻين ڌرين گڏجي ٺاهِي هئي، جنهن جو مقصد برطانوي سامراج خلاف هٿياربند جدوجهد ڪرڻ هو۔ 1934ع ۾ ان جو نالو بدلائي “ليگ اگينسٽ گانڌيزم” رکيو ويو۔

بعد ۾ عالمي ڪميونسٽ پاليسي ۾ تبديلي اچڻ سبب، ڀارتي ڪميونسٽن پنهنجي لاڳاپن ۾ به تبديلي آندي ۽ انڊين نيشنل ڪانگريس سان ويجهڙائپ وڌائي۔

ڪميونسٽ اڳواڻ “ڪانگريس سوشلسٽ پارٽي” ۾ شامل ٿيا، جيڪا ڪانگريس جي اندر کاٻي ڌر طور ڪم ڪري رهي هئي۔ هن شموليت سان ڪميونسٽ پارٽي، ڪانگريس سوشلسٽ پارٽي جي “آئين ساز اسيمبلي” جي مطالبي کي به قبول ڪيو، جنهن کي هن ٻه سال اڳ رد ڪيو هو

1937ع ۾ ڪاليڪٽ ۾ سوشلسٽ اڳواڻن جي هڪ ڳجهي گڏجاڻي ٿي، هن گڏجاڻي ۾ ڪميونسٽ تنظيم سازي ۽ سياسي حڪمت عملي تي بحث ٿيو، جيڪو بعد ۾ ڪيرالا ۾ ڪميونسٽ تحريڪ جي بنياد بڻيو۔

1939ع ۾  ڪيرالا ۾ ڪميونسٽ پارٽي قائم ٿي۔

1936ع کان 1937ع تائين ڪميونسٽن ۽ سوشلسٽن ۾ ويجهڙائپ وڌي

غدر پارٽي جا ڪيترائي اڳواڻ ۽ ڪارڪن اهڙا هئا، جن هندستان جي آزاديءَ جي جدوجهد دوران جيلن جون سخت صعوبتون ۽ ٽارچر سيلن جون اذيتون برداشت ڪيون هيون۔ انهن کي برطانوي راڄ طرفان مختلف جيلن ۾ قيد ڪري سخت جسماني ۽ ذهني اذيتن جو نشانو بڻايو ويو۔

1939ع ۾ ٻي مهاڀاري جنگ جي شروعات کان پوءِ برطانوي حڪومت طرفان اهڙن سياسي قيدين کي خاص طور ديولي ڪيمپ ۾ منتقل ڪيو ويو، جتي اڳ ۾ ئي ڪيترائي ڪميونسٽ پارٽي جا اڳواڻ قيد هئا۔

هي پهريون موقعو هو جڏهن هندستان جي مختلف تحريڪن سان واسطو رکندڙ روشن خيال، انقلابي ۽ ترقي پسند قيدي هڪ ئي هنڌ گڏ ٿيا.

ڪميونسٽ پارٽي جي قيد اڳواڻن انهن حالتن ۾ غدر پارٽي جي انقلابين کي ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني، ته جيئن گڏيل جدوجهد کي وڌيڪ منظم ۽ مضبوط بڻائي سگهجي۔

ڊگهي فڪري بحثن ۽ گڏيل جدوجهد جي تجربي کان پوءِ غدر پارٽي جي ڪيترن ئي اڳواڻن هن دعوت کي قبول ڪيو۔

انهن ۾ مشهور انقلابي بابا سوهن سنگھ به شامل هو، جيڪو پنهنجي ڪيترن ئي ساٿين سميت آخرڪار ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿي ويو۔

اهڙي طرح ديولي ڪيمپ نه صرف قيد جو هنڌ رهيو، پر اهو مختلف انقلابي تحريڪن جي فڪري ميل جول ۽ گڏيل سياسي سفر جي شروعات جو مرڪز به بڻجي ويو۔

ٻي عالمي جنگ دوران جڏهن سوويت يونين  ۽ برطانيا هٽلرجي نازي جرمني خلاف اتحادي بڻيا، تڏهن ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا به ماسڪو جي پاليسيءَ تحت برطانوي حڪومت جي حمايت جو اعلان ڪيو۔ ان فيصلي سبب پارٽي اندر اختلاف پيدا ٿيا، ڇو ته ڪيترائي ڪميونسٽ اڳواڻ برطانوي سامراج خلاف جدوجهد جاري رکڻ جا حامي هئا۔

ان ئي دور ۾ ڪميونسٽ پارٽي “ڀارت ڇڏيو تحريڪ” جي مخالفت سبب سياسي طور اڪيلائي جو شڪار ٿي وئي هئي، پر مزدور تحريڪن ۽ آل انڊيا ٽريڊ يونينز تي ان جو اثر وڌندو رهيو۔ 1946ع جي چونڊن ۾ پارٽي محدود ڪاميابي حاصل ڪئي.

1940ع واري ڏهاڪي ۾ پارٽي “قومي خوداختياري” جي نظرئي تحت مسلمانن جي الڳ قوميت واري موقف جي ڪنهن حد تائين حمايت ڪئي۔ مولانا حسرت موهاني ,سجاد ظير ۽ ٻين ڪجهه اڳواڻن جو خيال هو ته مسلمانن کي الڳ رياست ٺاهڻ جو حق حاصل آهي، جنهن سبب ڪميونسٽن ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جي وچ ۾ محدود نظرياتي ويجهڙائپ پيدا ٿي۔  مولاناحسرت موهاني لاء ايتري حد تائين لکيو ويو ته هو ساڳئي وقت شاعر ,صحافي ,نقاد سان گڏ ڪانگريسي ,مسلم ليگي ,ڪميونسٽ ,انگريزن خلاف گوريلا جنگ جو حمايتي ۽ جمعيت العلماء هند جي سرگرم اڳواڻ جون سڃاڻپون رکندو هو . ڪجهه ڪميونسٽن تي مسلم ليگ جي چونڊ مهم ۽ منشور جي تياريءَ ۾ سهڪار جا الزام به لڳا۔ ڪجھ پارٽي ميمبر 1946 جي چونڊن ۾ آل انڊيا مسلم ليگ لاء الڪشن مهم  به هلائي هئي. سندن دليل هو ته هندستان جا مسلمان هڪ الڳ قوميت  هئا تنهنڪري کين هڪ الڳ رياست ٺاهڻ جو حق ۡحاصل هو.

جيتوڻيڪ پارٽي اندر ان معاملي تي سخت اختلاف موجود هئا، خاص طور پنجاب ۽ ٻين علائقن ۾ ڪيترائي ڪارڪن گڏيل هندستان جي حمايت ڪري رهيا هئا۔  1947ع جي ورهاڱي کان پوءِ ڪميونسٽ تحريڪ به ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي—هندستان ۾ Communist Party of India ۽ پاڪستان ۾ Communist Party of Pakistan قائم ٿي۔

 هندستان ۾ ڪميونسٽ پارٽي نسبتاً منظم شڪل ۾ اڳتي وڌي، جڏهن ته نئين ٺهيل پاڪستان ۾ کاٻي ڌر کي شروعات کان ئي رياستي شڪ، پابندين ۽ سخت نگرانيءَ کي منهن ڏيڻو پيو۔ لجھ محققن جو چوڻ آهي ته ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان  ان وقت جي وڌندڙ فرقيواريت خلاف هڪ گڏيل محاذ ٺاهڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام رهي.

هتي پهريون حصو پڄاڻي تي پهتو، ٻي حصي ۾ اسان ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان جي سياست ۾ ڪميونسٽ تحريڪ ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي ڪردار ۽ جدوجهد تي تفصيل سان ڳالهائينداسين، تيستائين موڪلاڻي، ٻيهر ملنداسين ٻي حصي ۾۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں