تهران، واشنگٽن: آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽ ڪام) چيو آهي ته هن ايران جي شهر گورُڪ ۽ قشم ٻيٽ ۾ ايراني ريڊار ۽ ڊرون تنصيبات تي حملا ڪيا آهن.
ايڪس (X) تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ سينٽ ڪام چيو ته هي ڪارروائي ايران جي جارحاڻين سرگرمين جي جواب ۾ ڪئي وئي، جن ۾ بين الاقوامي پاڻين ۾ هڪ MQ-1 ڊرون کي نشانو بڻائڻ به شامل آهي.
سينٽ ڪام موجب آمريڪي فوجن ايراني فضائي دفاعي نظام، هڪ گرائونڊ ڪنٽرول اسٽيشن ۽ ٻه هڪ طرفا حملا ڪندڙ ڊرون تباهه ڪري ڇڏيا، جيڪي علائقائي سامونڊي رستن تان گذرندڙ جهازن لاءِ واضح خطرو بڻيل هئا.
ڪويتي فوج جي جنرل اسٽاف اعلان ڪيو آهي ته ملڪ جو فضائي دفاع هن وقت ميزائلن ۽ ڊرون حملن کي منهن ڏئي رهيو آهي.
فوج موجب جيڪڏهن ڌماڪن جا آواز ٻڌڻ ۾ اچن ته اهي دراصل فضائي دفاعي نظام طرفان ايندڙ ميزائلن ۽ ڊرونن کي تباهه ڪرڻ واري ڪارروائي جو نتيجو آهن.
فوج وڌيڪ چيو آهي ته فضائي دفاعي نظام مڪمل طور تي فعال آهي ۽ ملڪ جي هوائي حدن جي حفاظت لاءِ ضروري قدم کنيا پيا وڃن.
ايران جي پاسدارانِ انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته هن ان هوائي اڏي کي نشانو بڻايو آهي، جتان ڏکڻ ايران جي صوبي هرمزگان ۾ واقع سيريڪ ٻيٽ جي هڪ مواصلاتي ٽاور تي حملو ڪيو ويو هو.
فارس نيوز ايجنسي موجب آءِ آر جي سي چيو آهي ته هرمزگان صوبي جي سيريڪ ٻيٽ تي موجود مواصلاتي ٽاور تي آمريڪي فوج جي جارحيت کان لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ پوءِ آءِ آر جي سي ايرو اسپيس فورس جي جنگي جهازن ان هوائي اڏي کي نشانو بڻايو، جتان اهو حملو ڪيو ويو هو، ۽ مقرر ڪيل هدفن کي تباهه ڪري ڇڏيو.
ان کان اڳ اطلاع مليا هئا ته سڄي ڪويت ۾ سائرن وڄي ويا ۽ فضائي دفاعي نظام کي فعال ڪيو ويو هو.