ڪراچي: شارع فيصل تي لين جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي اڄ کان اي-چالان ٿيندو

فہرستِ مضامین

ڪراچي: شارع فيصل تي لين جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي اڄ کان اي-چالان جاري ڪيو ويندو.

ٽريفڪ پوليس جي ترجمان موجب شروعاتي طور صرف شارع فيصل تي لين جي خلاف ورزي ڪندڙن کي اي-چالان جاري ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته مستقبل ۾ هن نظام جو دائرو وڌائي شهر جي ٻين شاهراهن تي به لاڳو ڪيو ويندو.

ترجمان ٽريفڪ پوليس موجب شهرين کي اپيل ڪئي وئي آهي ته سڀئي گاڏيون پنهنجي مقرر لين ۾ هلائن، جڏهن ته موٽر سائيڪلون، بسون ۽ ڪارون لين جي پابندي کي يقيني بڻائين.

ٽريفڪ پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته ان حوالي سان آگاهي مهم پڻ هلائي وئي آهي، جڏهن ته شهرين کي به پنهنجي ذميواري جو احساس ڪندي ٽريفڪ ضابطن تي عمل ڪرڻ گهرجي.

ترجمان وڌيڪ چيو ته اهڙن قدمن سان نه رڳو ٽريفڪ جي رواني بهتر ٿيندي، پر روڊ حادثن جي روڪٿام ۾ پڻ مدد ملندي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں