رائل چیلنجرز بنگلور (آر سي بي) لڳاتار ٻيون ڀيرو آءِ پي ايل جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو۔
احمدآباد جي نريندر مودي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل فائنل ۾ آر سي بي گجرات ٽائيٽنز کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽرافي کٽي ورتي۔
گجرات ٽائيٽنز پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 155 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ واشنگٽن سندر اڌ سينچري اسڪور ڪئي، جڏهن ته آر سي بي جي راسخ دار سلام 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو۔
156 رنسن جي هدف جي پٺيان آر سي بي جارحاڻو انداز اختيار ڪيو ۽ 18 اوورن ۾ هدف حاصل ڪري ورتو۔
ويرات ڪوھلي ناقابلِ شڪست 75 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته وينڪيٽيش آئر ۽ ٽم ڊيوڊ پڻ اهم رنسون اسڪور ڪيون۔
ويرات ڪوھلي کي فائنل ۾ بهترين ڪارڪردگي تي “پليئر آف دي ميچ” قرار ڏنو ويو۔
هن ڪاميابي سان آر سي بي لڳاتار 2 آءِ پي ايل ٽائيٽل کٽڻ واري تاريخ جي ٽئين ٽيم بڻجي وئي آهي، جڏهن ته ان کان اڳ صرف چنائي سپر ڪنگز ۽ ممبئي انڊينز اهو ڪارنامو انجام ڏئي چڪيون آهن۔