لائیو لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور ۾ خانداني دشمني تي فائرنگ جي ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا

فہرستِ مضامین

لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور ۾ خانداني دشمني سبب فائرنگ جا ٻه مختلف واقعا پيش آيا، جن ۾ 7 ماڻهو مارجي ويا.

شڪارپور ۾ پراڻي دشمني تي ٻن گروپن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ عورت سميت 3 ماڻهو مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا.

پوليس موجب پير جليل واري علائقي ۾ پراڻي دشمني تي ٻن گروپن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي ھئي.

 واقعي ۾ مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ايس ايس پي ڪليم ملڪ موجب پوليس ٽيم واقعي واري هنڌ تي پهچي وئي آهي.

ٻئي طرف لاڙڪاڻي ۾ پراڻي دشمني تي مخالفن گهر تي فائرنگ ڪري 2 عورتن سميت 4 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو.

فائرنگ ۾ هڪ ٻارڙي سميت 2 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا، جڏهن ته مارجي ويلن ۾ 2 ڀائر، هڪ ڀيڻ ۽ ڀاڄائي شامل آهن.

پوليس موجب واقعو ماهوٽا واري علائقي ۾ هڪ نجي هائوسنگ ڪالوني ۾ پيش آيو، جتي پراڻي دشمني سبب مخالفن گهر تي فائرنگ ڪئي.

فائرنگ ۾ گهر جو مالڪ ۽ سندس 4 ورهين جي نياڻي زخمي ٿي پيا، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں