منشيات وڪرو ڪرڻ ۽ غير قانوني هٿيار رکڻ جي ڪيسن ۾ گرفتار ملزمه انمول عرف پنڪي جي عدالت ۾ پيشي بابت اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي.
جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ جيل اختيارين درخواست ڏني ته سيڪيورٽي سببن جي ڪري ملزمه کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ ممڪن ناهي، تنهنڪري ايندڙ ٻڌڻي تي کيس ويڊيو لنڪ ذريعي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.
جيل اختيارين عدالت ۾ ڪورٽ پوليس جو خط به پيش ڪيو۔
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيوويو آهي ته ملزمه انمول عرف پنڪي کي اڄ ٻن مختلف ڪيسن ۾ عدالت آڏو پيش ڪرڻو ھو، پر سيڪيورٽي خدشن سبب کيس جيل مان عدالت منتقل نه ڪري سگهجي.
درخواست ۾ گذارش ڪئي وئي آهي ته ويڊيو لنڪ ذريعي پيشي لاءِ سمورا ضروري انتظام جيل ۾ اڳ ئي موجود آهن، تنهنڪري عدالت ايندڙ ٻڌڻين ۾ ملزمه جي آن لائن پيشي جي اجازت ڏئي۔