تهران: ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته آمريڪا سان ڳالهيون ۽ پيغامن جي ڏي وٺ جاري آهي، پر اهو چوڻ اڃا وقت کان اڳ هوندو ته ڪنهن حتمي نتيجي تي پهچي ويا آهيون.
عباس عراقچي چيو ته هن وقت جيڪي ڳالهيون سامهون اچي رهيون آهن، اهي رڳو قياس آرائيون آهن ۽ اهڙين خبرن کي ڪا اهميت نٿي ڏئي سگهجي.
هن ٻڌايو ته کيس اڳ وانگر اسٽيو وِٽڪوف جا سڌا پيغام وصول ٿين ٿا، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ باقاعده ڳالھيون جاري آهن.
ايراني پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته ايران ۾ ڪنهن به ڌر سان سڌين ڳالهين جي دعوائن ۾ ڪا به سچائي ناهي، ۽ سڀئي پيغام پرڏيهي وزارت جي ذريعي موڪليا يا وصول ڪيا ويندا آهن.
عباس عراقچي وڌيڪ چيو ته آمريڪا سان ڳالھين بابت ايران جو ماضي جو تجربو خوشگوار نه رهيو آهي، ڇو ته هڪ مرحلي تي معاهدو طئي ٿيڻ باوجود بعد ۾ آمريڪا ان کان الڳ ٿي ويو هو.