پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي

فہرستِ مضامین

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن تي تيزي ڏٺي پئي وڃي.

بازارِ حصص ۾ ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس ۾ 1424 پوائنٽن جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ انڊيڪس ھڪ لک 73 هزار 150 پوائنٽن تائين پهچي ويو.

اڄ ھينئر تائين جي ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس ھڪ لک 71 هزار 545 پوائنٽن جي گهٽ ترين سطح تائين آيو، جڏهن ته ھڪ لک 73 هزار 171 جي بلند ترين سطح تائين به ويو۔

ڪاروبار جي پهرين سيشن ۾ بازار ۾ 26 ڪروڙ شيئرز جا سودا 17.25 ارب رپين ۾ طئي ٿيا.

واضح رهي ته سومر جي ڏينهن عيد الاضحيٰ جي موڪلن کان اڳ ڪاروبار جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس ھڪ لک 71 هزار 725 پوائنٽن تي بند ٿيو هو۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں