بيجنگ ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ ھٿي وٺرائڻ لاءِ مفاھمتي يادداشتن ۽ معاھدن تي صحيحن جي تقريب منعقد ٿي جنھن وزيراعظم شھباز شريف ۽ چين جي وزيراعظم لي چيانگ شرڪت ڪئي.
تقريب دوران ٻنھي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون بابت 15 اھم دستاويزن تي صحيحون ڪيون ويون.
منصوبابندي واري وزير احسن اقبال ۽ چين جي قومي ترقي ۽ منصوبابندي ڪميشن جي ڊائريڪٽر ترقياتي تعاون بابت دستاويزن تي صحيحون ڪيون.
ماحوليات ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبن ۾ تعاون جي مفاھمتي يادداشت تي چين جي ماحوليات واري وزير ھوانگ رنچيانگ ۽ پاڪستان جي سفير خليل ھاشمي صحيحون ڪيون.
پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ويٽرنري ويڪسين عطئي جي حوالگي جي دستاويز تي وفاقي وزير راڻا تنوير ۽ چين جي وزير زانگ زو صحيحون ڪيون.
خشڪ ميون جي معائني، قرنطينہ ۽ حفظان صحت جي گھرن بابت پروٽوڪول تي چين جي جنرل ايڊمنسٽريشن آف ڪسٽمز جي وزير سن مي جون ۽ خليل ھاشمي صحيحون ڪيون، جڏھن تہ مڪئي جي نباتاتي صحت جي گھرجن بابت پروٽوڪول تي بہ ٻنھي ملڪن جي عملدارن وچ ۾ اتفاق ٿيو.
مطابقتي جاچ ۾ تعاون جي مفاھمتي يادداشت تي چين جي اسٽيٽ ايڊمنسٽريشن آف مارڪيٽ ريگوليشن جي ڊائريڪٽر ۽ پاڪستاني سفير خليل ھاشمي صحيحون ڪيون.
ان موقعي تي چيني نيوز ايجنسي ۽ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن وچ ۾ بہ مفاھمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون، جنھن تي وفاقي وزير عطاءَ اللھ تارڙ ۽ چيني نيوز ايجنسي جي صدر صحيحون ڪيون.
چيني ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي پارٽي اسڪول ۽ پاڪستان نيشنل اسڪول پبلڪ پاليسي وچ ۾ تعاون جي مفاھمتي يادداشت تي بہ صحيحون ٿيون، ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي پارٽي اسڪول جي نائب صدر شي چنت تائو ۽ خليل ھاشمي صحيحون ڪيون.
اھڙي طرح سائنس ۽ ٽيڪنالوجي، آزاد تجارت، انسداد دھشتگردي اوزار، انساني وسيلن جي ترقي ۽ تعليمي ادارن وچ ۾ تعاون بابت معاھدا بہ طئي ٿيا.
چين فارن افيئرز يونيورسٽي ۽ پاڪستان فارن سروس اڪيڊمي وچ ۾ تعاون جي مفاھمتي يادداشت تي ڊي جي فارن سروس اڪيڊمي سعيد جيلاني ۽ چيني يونيورسٽي جي پارٽي سيڪريٽري صحيحون ڪيون.