لائیو ھٿ نہ ملائڻ وارو تڪرار: ڀارتي سوشل ميڊيا صارفين ڪريل حرڪت ڪندي ٽريوس جي فيملي کي نشانو بڻائي ڇڏيو

فہرستِ مضامین

انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) ۾ ويرات ڪوھلي ۽ ٽريوس ھيڊ جي ھٿ نہ ملائڻ واري تڪرار بعد ڀارتي سوشل ميڊيا صارفين ڪريل حرڪت ڪندي ٽريوس ھيڊ جي فيملي کي نشانو بڻائي ڇڏيو.

پرڏيھي نيوز ايجنسي جي رپورٽ مطابق سوشل ميڊيا تي نہ صرف آسٽريلوي ڪرڪيٽر ٽريوس ھيڊ پر سندس فيملي تي ذاتي حملا ڪيا پيا وڃن، جڏھن تہ ڀارتي ٽرولرز تڪبراڻو رويو اختيار ڪندڙ ويرات ڪوھلي جي خلاف بلڪل خاموش آھن.

سوشل ميڊيا ٽرولرز طرفان ٽريوس ھيڊ جي فيملي خلاف انتھائي اڻوڻندڙ ٻولي استعمال ڪئي وئي.

ان حوالي سان ڪرڪيٽر جي گھرواري جيسيڪا بيان جاري ڪيو ۽ چيو اسان ٺيڪ آھيون پر ھي ماڻھو منھنجي فيملي ۽ دوستن کي نشانو بڻائي رھيا آھن، ائين لڳي ٿو تہ اھا بدسلوڪي ٻيھر ٿي رھي آھي جيڪا 2023ع جي رولڊ ڪپ بعد ٿي ھئي.

واضح رھي تہ ان کان اڳ 2023ع ۾ بہ ڀارتي صارفين ٽريوس ھيڊ جي گھرواري ۽ سندس ڌيءَ کي ريپ ۽ اغوا جون ڌمڪيون ڏئي چڪا آھن.

ياد رھي تہ سن رائزرز حيدرآباد ۽ رائل چئلينجرز بنگلورو جي ميچ ۾ ويرات ڪوھلي ۽ ٽريوس ھيڊ وچ ۾ گرما گرمي ٿي ھئي، ميچ ۾ آر سي بي کي شڪست بعد ڪوھلي ٽريوس ھيڊ سان ھٿ ملائڻ کان انڪار ڪيو.

ڪوھلي جي ھٿ نہ ملائڻ کان انڪار بعد سوشل ميڊيا تي بحث جاري آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں