لائیو فيلڊ مارشل ايران آمريڪا رابطن ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو، معاملا درست رخ ۾ اڳتي وڌي رھيا آھن: وزيراعظم

فہرستِ مضامین

بيجنگ: وزيراعظم شھباز شريف جو چوڻ آھي تہ فيلڊ مارشل عاصم منير ايراني ۽ آمريڪي قيادت وچ ۾ رابطن ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو، ايران آمريڪا ڳالھين جا معاملا درست رخ ۾ اڳتي وڌي رھيا آھن.

وزيراعظم شھباز شريف جي اعزاز ۾ عظيم عوامي ھال ۾ استقباليہ تقريب ڪوٺائي وئي، چين جي وزيراعظم لي چيانگ پاڪستاني ھم منصب جو استقبال ڪيو، وزيراعظم شھباز شريف کي چين جي ھٿياربند فوج طرفان گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.

تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شھباز شريف جو چوڻ ھو تہ عظيم دوست ملڪ چين جو دورو ڪرڻ منھنجي لاءِ ھميشہ بيحد خوشي جو سبب ھوندو آھي، جڏھن بہ چين ايندا آھيون اسان کي نئين تعميرات ۽ عظيم ترقي ڏسڻ لاءِ ملندي آھي.

وزيراعظم شھباز شريف چيو تہ اسان ھن وقت تاريخ جي ھڪ نھايت اھم موڙ تي بيٺا آھيون، پاڪستان ۽ چين پنھنجي شاندار دوستي ۽ سفارتي تعلقات جو 75ھون سال ملھائي رھيا آھن، پاڪستان چين دوستي جي بنياد اسان جي باني اڳواڻن رکيو ھو، اسان جي بانين ٻنھي ملڪن جي تعلقات جي مضبوط بنياد ۽ مستحڪم عمارت قائم ڪئي، ھاڻ اسان ھن ورثي کي اڳتي وڌائي رھيا آھيون.

شھباز شريف چيو تہ اڄ دنيا ھڪ انتھائي نازڪ دور مان گذري رھي آھي، خليجي خطي ۾ بحران موجود آھي، پاڪستان آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ثالثي ۾ مخلصاڻو ڪردار ادا ڪيو، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ھينئر تھران مان واپس آھي، فيلڊ مارشل ان اھم دوري کي ڇڏڻ نٿي چاھيو، فيلڊ مارشل سڄي رات سفر ۾ رھيو ۽ ان ملاقات ۾ شامل ٿيو، فيلڊ مارشل عاصم منير ايراني ۽ آمريڪي قيادت جي وچ ۾ رابطن ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو، ڌرين وچ ۾ معاملا درست رخ ۾ اڳتي وڌي رھيا آھن.

وزيراعظم وڌيڪ چيو تہ امن جي قيام ۽ جنگبندي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور ڪوششن جي حمايت تي صدر شي جنگ پنگ ۽ چيني قيادت جو ٿورائتو آھيان، اسان صدر شي جنگ پنگ جي 4 نقاطي ايجنڊآ جي ڀرپور تائيد ڪريون ٿا.

چيني وزيراعظم جو بيان:

ٻئي طرف ان موقعي تي چيني وزيراعظم جو چوڻ ھو تہ پاڪستان ويجھي رابطي ۽ ھم آھنگي کي برقرا رکندي گڏيل مفادن جو تحفظ ڪيو آھي ۽ علائقائي امن لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪيو آھي، صدر شي جنگ پنگ جي اڄ وزيراعظم شھباز شريف سان ملاقات ٿيندي، اھا ملاقات ٻہ طرفن تعلقات کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ رھنمائي فراھم ڪندي.

ھن چيو تہ چين پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ، روايتي دوستي کي اڳتي وڌائڻ ۽ ٻہ طرفي تعاون کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آھي، وزيراعظم، اسان اوھان سان عملي تعاون تعاون کي وسعت ڏيڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي تمام معاملن تي ڳالھ ٻولھ لاءِ بہ تيار آھيون.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں