لائیو آمريڪا، ايران معاھدي کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ ڪجھ ڏينھن لڳي سگھن ٿا: آمريڪي ميڊيا

فہرستِ مضامین

نيويارڪ: آمريڪي ٽي وي سي اين اين مطابق ايران آمريڪا مفاھمتي يادداشت تي اڳڀرائي جاري آھي، معاھدي کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ وڌيڪ ڪجھ ڏينھن لڳي سگھن ٿا.

سي اين اين مطابق معاھدي جو دارومدار ان ڳالھ تي آھي تہ ايران دستاويز ڪيترو جلدي تيار ڪري ٿو، آبناءِ ھرمز ۽ جوھري پروگرام ڳالھين جو مرڪزي حصو آھن.

رپورٽ ۾ چيو ويو تہ مفاھمتي يادداشت جنگبندي، آبناءِ ھرمز جي بحالي بابت آھي، مفاھمتي يادداشت ايران کي جوھري پروگرام بابت فريم ورڪ فراھم ڪندي، حتمي معاھدي کان پھريان لفظ ۽ شرطن تي وڌيڪ خيالن جي ڏي وٺ جاري رھندو.

آمريڪي ٽي وي بي ايس نيوز مطابق سپريم ليڊر تائين پيغام رسائي معاھدي ۾ دير جو سبب آھي، ايراني سپريم ليڊر ڳجھي ھنڌ تي موجود آھي جتي پھچڻ مشڪل آھي، مجتبيٰ خامنہ اي تائين پيغام پھچائڻ ۾ وقت لڳي رھيو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں