لائیو سجل علي جا ڏکڻ ڪوريا ۾ بہ چرچا، مداحن مختلف نالا ڏئي ڇڏيا

فہرستِ مضامین

پاڪستاني شوبز جي اداڪارھ سجل علي جا مداح ڏکڻ ڪوريا ۾ بہ موجود آھن.

سجل علي جي ڪورين مداحن کيس دلچسپ نالا بہ ڏنا آھن، ھو پيار سان سجل اوني (Sajal unnie) ۽ يون دن (Yoon-din) چون ٿا.

اداڪارھ ڏکڻ ڪوريا ۾ سوشل ميڊيا تي خصوصي ڌيان جو مرڪز ان وقت بڻي جڏھن تازو ئي سندس ھڪ ڪورين مداح کي سندس شادي بابت پتو پيو.

سجل علي جي ڪورين مداح سوشل ميڊيا ويب سائٽ ايڪس تي پنھنجي پوسٽ ۾ حيرت جو اظھار ڪندي لکيو تہ ڇا سجل علي شادي شدھ ھئي؟ اھو ڄاڻي تہ مونکي ائين لڳو ڄڻ منھنجي دنيا تباھ ٿي وئي.

اداڪارھ جي شادي جي باري ۾ ڄاڻي سندس ڪورين مداح جي سوشل ميڊيا تي سامھون ايندڙ ان رد عمل تي سندس ٻين مداحن بہ مختلف قسم جا تبصرا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا.

گھڻا ڪورين مداح سجل علي جي شادي جي باري ۾ ڄاڻي حيرت جو اظھار ڪندي نظر آيا.

ٻئي طرف سوشل ميڊيا صارفين ان حوالي سان اداڪارھ جي ڪورين مداحن جي اداسي تي حيران نظر آيا.

ھڪ صارف حيرت جو اظھار ڪندي لکيو تہ ڇا ڪوريا ۾ بہ سجل علي جا مداح آھن؟

ھڪ ٻئي صارف لکيو تہ انٽرنيٽ جي ڪري اوھان کي ھر ھنڌ ڪنھن نہ ڪنھن جو مداح ملي ويندو.

ھڪ ٻئي صارف لکيو تہ اھو ئي سبب آھي تہ مان انٽرنيٽ سان محبت ڪريان ٿو، ڇو تہ ان جي ڪري ھرڪو ھڪٻئي سان ڳنڍيل آھي.

واضح رھي تہ سجل علي ساٿي اداڪار احد رضا مير سان شادي ڪئي ھئي جيڪا گھڻو عرصو نہ ھلي سگھي ۽ ٻنھي جي وچ ۾ 2022ع ۾ طلاق ٿي وئي ھئي.

ھاڻ ڪجھ عرصي کان سجل علي ۽ حمزھ سھيل جي وچ و۾ ويجھا تعلق ۽ انھن ٻنھي جي ممڪنہ شادي جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي افواھون گردش ڪري رھيون آھن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں