لائیو ھيٽ ويو الرٽ جاري: سنڌ ۾ گرمي 50 ڊگري تائين وڃڻ جو امڪان

فہرستِ مضامین

موسميات کاتي خبردار ڪيو آھي تہ سنڌ جي فضا ۾ موجود ھاءِ پريشر ايريا سڀاڻي کان وڌيڪ طاقتور ھئڻ جو امڪان آھي جنھن سبب صوبي جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ 31 مئي تائين شديد ھيٽ ويو جي صورتحال برقرا رھي سگھي ٿي.

موسميات کاتي عوام خاص طور تي ٻارن، عورتن ۽ بزرگن کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي ھدايت ڪئي آھي جڏھن تہ آبادگارن کي موسمي حالتن مطابق فصلن ۽ چوپائي مال جي سار سنڀال جي صلاح ڏني آھي.

موسميات کاتي مطابق سکر،لاڙڪاڻو، دادو سميت مختلف ضلعن ۾ گرمي پد 47 کان 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو امڪان آھي.

اھڙي طرح ٿرپارڪر، بدين، حيدرآباد، ميرپور خاص ۽ ڄامشورو ۾ گرمي پد 44 کان 47 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رھي سگھي ٿو.

موسميات کاتي جو چوڻ آھي تہ ھيٽ ويو دوران بجلي جي گھرج ۽ واھپي ۾ اضافي جو بہ امڪان آھي جنھن سبب شھرين کي غير ضروري بجلي جي استعمال کان پاسو ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي آھي.

ٻئي طرف ڪراچي ۾ سومر ۽ اڱاري تي گرمي پد 34 کان 36 ڊگري سينٽي گريڊ جڏھن تہ اربع تي 35 کان 37 ڊگري سينٽي گريڊ رھڻ جو امڪان ظاھر ڪيو ويو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں