لائیو ڪراچي: ڀتا خور گروھ خلاف آپريشن، 5 جوابدار گرفتار

فہرستِ مضامین

ڪراچي ۾ ڀتا خور گروھ جي خلاف رينجرز ۽ ايس آءِ يو جي گڏيل آپريشن ۾ 5 جوابدار گرفتار ڪيا ويا.

رينجرز ترجمان مطابق ڪراچي جي علائقي پي آءِ بي ڪالوني ۾ رينجرز ۽ ايس آءِ يو جي گڏيل ڪارروائي ۾ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.

جوابدان قانون لاڳو ڪندڙ اھلڪارن تي فائرنگ ڪئي.

رينجرز ترجمان جو چوڻ آھي تہ جوابي فائرنگ ۾ 2 انتھائي گھربل جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آھي.

ترجمان وڌيڪ چيو تہ گرفتار جوابدارن جي قبضي مان ھٿيار ۽ ايمونيشن ھٿ آيو آھي.

رينجرز ترجمان اھو بہ ٻڌايو تہ گرفتار جوابدار فيڪٽري مالڪن، بلڊرز ۽ ٻين ڪاروباري ماڻھن کان ڀتا وصولي ۾ ملوث آھن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں