لائیو عيدالاضحيٰ جي آمد سان ڪانگو وائرس جا خطرا وڌڻ جو خدشو

فہرستِ مضامین

عيدالاضحيٰ جي آمد سان ڪانگو وائرس جا خطرا وڌڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آھي.

ان حوالي سان طبي ماھرن جو چوڻ آھي تہ شھري قرباني لاءِ جانور خريد ڪرڻ ۽ سنڀالڻ وقت احتياطي تدبيرون اپنائين.

طبي ماھرن جو چوڻ آھي تہ قرباني وقت دستانا، ماسڪ ۽ حفاظتي لباس جو استعمال ڪيو وڃي، جانورن جي رت ۽ آنڊن وغيرھ کي سڌي ريت ھٿ لاھڻ کان پاسو ڪيو وڃي.

ماھرن ٻڌايو تہ ڪانگو وائرس جانور جي جسم ۾ موجود جيت جي چڪ ھڻڻ يا متاثر جانورن جي رت مان منتقل ٿيندو آھي، بخار، جسم ۾ سور يا رت وھڻ جون علامتون ظاھر ٿين تہ فوري طبي امداد حاصل ڪريو.

طبي ماھرن جو اھو بہ چوڻ آھي تہ عيدالاضحيٰ جي موقعي تي شھري صفائي ۽ حفاظتي اصولن جو خاص خيال رکن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں