ايران آمريڪا امن معاھدي جا اثر، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي

فہرستِ مضامین

ايران آمريڪا امن معاھدي جي اثرن سبب پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري ھفتي جي پھرين ڏينھن زبردست تيزي ڏٺي پئي وڃي.

بازار حصص ۾ ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس ۾ 2747 پوائنٽس جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو جنھن بعد انڊيڪس ھڪ لک 70 ھزار 591 پوائنٽس تي پھچي ويو.

اڄ ھينئر تائين جي ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس ھڪ لک 70 ھزار 377 پوائنٽس جي ھيٺين سطح تائين آيو، جڏھن تہ ھڪ لک 71 ھزار 519 جي بلند سطح تائين بہ ويو.

واضح رھي تہ گذريل ھفتي جي آخري ڏينھن ڪاروبار جي اختتام تي 100 انڊيڪس ھڪ لک 67 ھزار 844 پوائنٽس تي بند ٿيو ھو.

ٻئي طرف انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 2 پئسا سستو ٿي 278 رپيا 50 پئسن جو ٿي ويو.

انٽر بئنڪ ۾ ان کان اڳ ڪاروباري ڏينھن ۾ ڊالر 278 رپيا 52 پئسن تي بند ٿيو ھو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں