لبيڪ اللھم لبيڪ، مناسڪ حج جو آغاز، لکين حج پانڌيئڙن جو خيمن واري شھر منيٰ جو رخ

فہرستِ مضامین

مڪہ مڪرمہ: سڄي دنيا مان آيل لکين حج پانڌيئڙن مناسڪ حج جو آغاز ڪندي خيمن جي شھر منيٰ جو رخ ڪرڻ سروع ڪري ڇڏيو آھي جتي روحاني ماحول ۾ عبادت ۽ لبيڪ جون صدائون گونجي رھيون آھن.

حج پانڌيئڙن جي منيٰ آمد جو سلسلو سڄو ڏينھن جاري رھندو جڏھن تہ سومر جي رات تمام حج پانڌيئڙا منيٰ ۾ قيام ڪندا.

انکان پوءِ اڱاري 9 ذي الحج تي نماز فجر جي ادائيگي بعد حج پانڌيئڙا سڀ کان اھم رڪن وقوف عرفہ جي ادائيگي لاءِ منيٰ مان عرفات طرف  روانا ٿيندا.

ميدان عرفات ۾ حج جو خطبو ٻڌڻ بعد ظھر، عصر گڏائي ادا ڪندا، وقوف عرفات بعد حج پانڌيئڙا مغرب بعد ميدان عرفات مان مزدلفہ پھچندا.

ٻئي طرف سعودي جي موسميات کاتي خبردار ڪيو آھي تہ حج جي ڏينھن ۾ مڪہ مڪرمہ ۽ آسپاس ۾ شديد گرمي جي لھر برقرار رھڻ جو امڪان آھي جنھن دوران گرمي پد 47 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگھي ٿو.

سعودي جي موسميات کاتي خبردار ڪيو آھي تہ مناسڪ دوران ھوا ۾ نمي جو تناسب 40 سيڪڙو رھندو ۽ کليل علائقن ۾ طوفاني ھوائون ھلڻ جو امڪان آھي.

سرڪاري انگن اکرن مطابق پرڏيھ مان ايندڙ حج پانڌيئڙن جي تعداد 15 لک کان مٿي ٿي چڪي آھي جن ۾ وڏي تعداد ۾ فضائي رستي سان مڪہ پھتا آھن، 30 سيڪڙو حج پانڌيئڙا مڪہ روٽ انيشي ايٽو جي ذريعي پھتا، حج پانڌيئڙن جي سھولت لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي مدد ورتي پئي وڃي.

ھوڏانھن مقدس ھنڌن تي حج پانڌيئڙن جي سھولت لاءِ خصوصي انتظام ڪيا ويا آھن جن ۾ ڇانوَ وارين جاين، ڪولنگ فينز ۽ طبي سھولتن ۾ اضافو شامل آھي تہ جيئن عبادت دوران زائرين کي وڌ کان وڌ راحت فراھم ڪري سگھجي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں