ھايئر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) سڄي ملڪ جي سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽين ۾ ايم فل، ايم ايس ۽ پي ايڇ ڊي پروگرامن ۾ داخلائن لاءِ نئين پاليسي لاڳو ڪندي جي آر اي /ھيٽ جنرل ۽ لاڳاپيل سبجيڪٽ ٽيسٽ لازمي قرار ڏئي ڇڏيو، نئين پاليسي 2026 جي داخلائن تي لاڳو ھوندي.
ايڇ اي سي جي ڪوآرڊينيشن ڊويزن طرفان جاري نوٽيفڪيشن مطابق ليول 7 (ايم ايس/ ايم فل يا برابر) ۽ ليول 8 (پي ايڇ ڊي يا برابر) پروگرامن ۾ داخلا صرف ايجوڪيشن ٽيسٽنگ ڪائونسل (اي ٽي سي) تحت منعقد ٿيندڙ جي آر اي/ھيٽ جنرل ۽ لاڳاپيل سبجيڪٽ ٽيسٽ جي بنياد تي ڏني ويندي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آھي تہ تماميونيورسٽيون ۽ اعليٰ تعليمي ادارا ان فيصلي تي عملدرآمد جا پابند ھوندا جڏھن تہ 2026 کان صرف انھن اميدوارن جون داخلائون غور ھيٺ اينديون جن ايڇ اي سي اي ٽي سي جو مقرر ٽيسٽ پاس ڪيو ھوندو.
ايڇ اي سي واضح ڪيو آھي تہ يونيورسٽيون ھاڻ ايم فل، ايم ايس او پي ايڇ ڊي داخلائن جي لاءِ پنھنجي ڌار يا داخلا ٽيسٽ منعقد نہ سگھنديون جڏھن تہ يونيورسٽين جا تيار ڪيل ٽيسٽ بہ جي آر اي/ھيٽ جي متبادل تصور نہ ھوندا.
نئين پاليسي تحت گريجويٽ ايجوڪيشن پاليسي 2023 جي ڪيتريون شقون فوري طور تي ختم ڪيون ويون آھن، انھن ۾ اھا شق بہ شامل آھي جنھن تحت يونيورسٽين کي 50 سيڪڙو پاسنگ اسڪور سان پنھنجو داخلا ٽيسٽ وٺڻ جي اجازت ھئي.
اھڙي طرح يونيورسٽي سطح تي تيار ڪيل جي آر اي/ھيٽ مساوي ٽيسٽ جنھن جي لاءِ 60 سيڪڙو پاسنگ اسڪور مقرر ھو، جي شق بہ واپس ورتي وئي آھي.
ايڇ اي سي مطابق نئين نظام جو مقصد سڄي ملڪ ۾ گريجويٽ داخلائن جي معيار، شفافيت ۽ ميرٽ کي يقيني بڻائڻ آھي.
تعليمي حلقن جو چوڻ آھي تہ ان فيصلي سان داخلائن ۾ شفافيت وڌندي جڏھن تہ يونيورسٽين جي خودمختياري ۽ انھن جي داخلي امتحاني نظام تي سوال بہ اٿي سگھن ٿا.
نوٽيفڪيشن مطابق اھو فيصلو ڪمپيٽنٽ اٿارٽي جي منظوري سان جاري ڪيو ويو آھي ۽ فوري طور تي عمل جوڳو ھوندو.