برطانوي شاھي خاندان جي ناليواري شخصيت شھزادي ديانا جو 1979ع ۾ ھٿ سان لکيل ھڪ ناياب خط نيلامي لاءِ پيش ڪيو ويو آھي.
خط جي متوقع قيمت 4000 پائونڊ لڳائي وئي آھي، جنھن ۾ 17 سالن جي ڊيانا انڪشاف ڪيو ھو تہ مستقل ۾ پيشيور رقاصہ ٿيڻ چاھيان ٿي.
اھو خط پھرين فيبروري 1979ع تي خاندان دوست ملڊرڊ ليسي جي نالي لکيو ويو ھو، خط ۾ ڊيانا پنھنجي والد جان اسپينسر جي علالت تي پيغام موڪلڻ تي دوست جا ٿورا مڃيا.
ھن لکيو تہ منھنجو والد فالج سبب پاڻ جواب ڏيڻ جي قابل نہ ھو ان لاءِ مان سندس پاران تشڪر جو اظھار ڪري رھي آھيان.
خط ۾ ڊيانا پنھنجي خواب جو ذڪر ڪندي لکيو تہ رقص سکڻ جي لاءِ جڳھ تلاش ڪري رھي آھيان، اھو ھميشہ منھنجو خواب رھيو آھي ۽ اميد آھي تہ ھڪ ڏينھن ان اميد ۾ ڪامياب ٿي ويندس.
شھزادي ڊيانا ننڍپڻ کان بيلي ڊانس جي شوقين ھئي ۽ اسڪول جي زماني ۾ رقص جا مقابلا بہ کٽي چڪي ھئي جڏھن تہ قد 5 فوٽ 10 انچ ھئڻ ۽ ڄنگھ ۾ انجري سبب ھوءَ پيشيور بيلي ڊانسر نہ بڻجي سگھي.
ڊيانا جي زندگي ۾ رقص جي سڀ کان مشھور ياد 1985ع ۾ سامھون آئي جڏھن ھن وائٽ ھائوس ۾ ناليواري اداڪار جان ٽراوولٽا سان رقص ڪيو ھو.
انھي سال ھن شاھي تقريب ۾ گلوڪار بلي جوئل جي گاني تي خصوصي پرفارمنس بح ڏني ھئي.
شھزادي ڊيانا 1997ع ۾ پيرس ۾ ھڪ ڪار حادثي ۾ وفات ڪري وئي ھئي جڏھن تہ سندس شخصيت ۽ خانگي زندگي سان جڙيل ناياب يادگيريون اڄ بہ سڄي دنيا جو ڌيان حاصل ڪن ٿيون.