روس ۽ يوڪرين وچ ۾ ٽن ڏينھن جي جنگبندي ختم ٿيندي ئي روس يوڪرين تي گھٽ ۾ گھٽ 800 ڊرونز سان حملو ڪري ڇڏيو.
يوڪرين جي صدر وولوديمير زيلنسڪي ٽيليگرام تي جاري بيان ۾ دعويٰ ڪئي آھي تہ اربع جي ڏينھن روس سڄي ڏينھن ۾ 800 ڊرونز لانچ ڪيا.
زيلنسڪي چيو تہ روس طرفان گادي واري ھنڌ ڪيف، پولينڊ جي سرحد ويجھو، الھندي شھر ليوو ۽ بحيرھ اسود جي بندرگاھ سميت ٻين علائقن کي نشانو بڻايو ويو.
يوڪريني صدر مطابق سڄي يوڪرين ۾ روسي ڊرون حملن ۾ گھٽ ۾ گھٽ 6 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
زيلنسڪي چيو تہ اسان جا فوجي يوڪرين جو دفاع ڪري رھيا آھن، پر روس جو واضح مقصد فضائي دفاعي نظام تي بار وجھڻ آھي. ھن خبردار ڪيو تہ ڊرون حملن بعد ڪروز ۽ بيلسٽڪ ميزائل حملا بہ ٿي سگھن ٿا.
رپورٽ مطابق روس نيٽو ملڪن سان يوڪرين جي سرحد ويجھو الھندن علائقن کي بہ نشانو بڻايو.
پرڏيھي رپورٽس مطابق روس يوڪرين جي انتھائي مغربي خطي زاڪار پاتيا کي بہ نشانو بڻايو، جيڪو سلوواڪيہ جي سرحد تي واقع آھي. سلوواڪي حڪومت چيو تہ ھوءَ سيڪيورٽي سببن جي ڪري زميني سرحدي ڪراسنگ کي ڻڄاتل مدي لاءِ بند ڪري رھي آھي.
ھوڏانھن روس جي عملدارن جو چوڻ آھي تہ اربع جي صبح تائين يوڪريني ڊرونز 3 صنعتي تنصيبات کي نشانو بڻايو.
واضح رھي تہ اھي تازا حملا آمريڪا جي ثالثي ۾ طئي ٿيل ٽن ڏينھن واري جنگبندي ختم ٿيڻ بعد ڪيا ويا.
جنگبندي دوران روس ۽ يوڪرين ٻنھي ڪيترين ئي خلاف ورزين جا اطلاع ڏنا ھئا جڏھن تہ ڪو بہ وڏو فضائي حملو رپورٽ نہ ٿيو.