سنڌ جي 9 ضلعن ۾ 13 سيٽن تي ضمني بلدياتي چونڊون 17 مئي تي ٿينديون.
اليڪشن ڪميشن سنڌ مطابق ضمني بلدياتي چونڊن جا تمام انتظام مڪمل ڪيا ويا آھن، حيدرآباد، ڄامشورو، دادو، سجاول سميت 9 ضلعن ۾ پولنگ ٿيندي.
اليڪشن ڪميشن سنڌ ٻڌايو تھ 5 ميمبر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل، 2 چيئرمين، 2 وائيس چيئرمين جي سيٽن تي چونڊون ٿينديون، جنرل وارڊ ميمبر جي چئن سيٽن تي بھ پولنگ ٿيندي.
اليڪشن ڪميشن سنڌ مطابق ضمني بلدياتي چونڊن لاءِ 73 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون آھن جن مان 59 پولنگ اسٽيشنز کي انتھائي حساس قرار ڏنو ويو آھي.
اليڪشن ڪميشن سنڌ اھو بھ ٻڌايو آھي تھ ضمني بلدياتي چونڊن ۾ 98 ھزار 808 ووٽرز ووٽ جو حق استعمال ڪندا.