ڍاڪا ٽيسٽ جي آخري ڏينھن بنگلا ديش پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 268 رنز جو ھدف ڏئي ڇڏيو.
بنگلا ديش ٻي اننگ 240 رنز 9 رانديگر آئوٽ تي ڪليئر ڪئي، پاڪستان کي ٽيسٽ کٽڻ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ 75 اوورز ۾ 268 رنز ٺاھڻا پوندا، نجم الحسين شانتو 87 ۽ مومن الحق 56 رنز ٺاھي نمايان رھيا.
بنگلا ديش ٽيسٽ جي پنجين ڏينھن ٻي اننگز 152 رنز 3 رانديگر آئوٽ سان شروع ڪئي.
پنجين ڏينھن جي آغاز تي بنگلا ديش جي چوٿين وڪيٽ 164 رنز تي ڪري، مشفيق الرحيم 22 رنز ٺاھي حسن علي جو شڪار بڻيو.
بنگلا ديش جي پنجين وڪيٽ 190 رنز تي ڪري، لٽن ڊاس کي 11 رنز تي شاھين شاھ آفريدي آئوٽ ڪيو.
پاڪستان جي نعمان ۽ حسن علي 3-3 وڪيٽون، شاھين آفريدي ٻہ رانديگر آئوٽ ڪيا.
پھرين اننگز
واضح رھي تہ پھرين اننگز ۾ بنگلاديش جي ٽيم 413 رنز تي آل آئوٽ ٿي وئي ھئي، نجم الحسن شانتو 101، مومن الحق 91 ۽ مشفيق الرحيم 71 رنز ٺاھي نمايان رھيا.
پاڪستان جي محمد عباس 5 ۽ شاھين آفريدي 3 وڪيٽون حاصل ڪيون جڏھن تہ نعمان علي ۽ حسن علي ھڪ ھڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.
قومي ٽيم پھرين اننگز ۾ 386 رنز تي آئوٽ ٿي وئي ۽ ائين بنگلا ديش کي پھرين اننگز ۾ 27 رنز جي برتري حاصل ٿي وئي.
اذان اويس شاندار 103 رنز اسڪور ڪيا، عبداللھ فضل 60، محمد رضوان 59 ۽ سلمان علي آغا 58 رنز سان نمايان رھيا ٻين بيٽرز ۾ امام الحق 45 جڏھن تہ شاھين شاھ آفريدي 13 رنز ٺاھيا.
بنگلا ديش طرفان مھدي حسن ميراز بھترين بولنگ جو مظاھرو ڪندي 5 وڪيٽون حاصل ڪيون جڏھن تہ تسڪين احمد ۽ تيج الاسلام 2-2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.