غزھ ۾ بي گھر ۽ بکن ۾ پاھھ ٿيل فلسطيني شھرين خلاف اسرائيلي فورسز جي جارحيت جاري آھي، اھڙو ڪو بھ ڏينھن خالي نھ آھي جو اسرائيلي فورسز پاران بمباري نھ ڪئي وڃي.
نشانو رڳو فلسطيني ناهن

رڳو فلسطيني شھري ئي نھ پر فلاحي ادارن جا ڪارڪن، صحافي ۽ پرڏيھي بھ اسرائيلي جارحيت جو نشانو بڻجي رھيا آھن.
گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي فورسز جي مختلف علائقن ۾ ڪيل بمباري ۽ فائرنگ جي واقعن ۾ ھڪ سئو کان وڌيڪ فلسطيني شھيد ٿي ويا آھن. ويڙھاڪ فلسطيني تنظيم حماس خلاف ڪريڪ ڊائون جي نالي تي اسرائيلي فورسز ٻارن ۽ عورتن سميت ھزارين عام فلسطينين جو قتلام ڪري چڪي آھي، اسرائيل پاران مڙھيل جنگ جي نتيجي ۾ غزھ جا لکين ماڻھو بي گھر ٿيڻ بعد ڪيمپن ۽ عارضي پناھگاھن ۾ جانورن واري زندگي گھارڻ لاءِ مجبور ٿي ويا آھن.
کاڌ خوراڪ ۽ دوائن جي کوٽ سبب ٻارڙا موت جو کاڄ بڻجي رھيا آھن. آمريڪا سميت مختلف ملڪن جي فلاحي ادارن پاران بي گھر ٿيل فلسطينين کي کاڌ خوراڪ ۽ طبي سھولتون فراھم ڪندڙ مرڪز بھ اسرائيل جي حملن کان محفوظ نھ آھن. غزھ ۾ بي گھر ۽ بکن ۾ پاھھ ٿيل فلسطينين جون جيڪي درد ڪھاڻيون سامھون اچي رھيون آھن، اھي عالمي ضمير کي جنجھوڙي رھيون آھن ۽ خود آمريڪا توڙي يورپ ۾ اسرائيلي بربريت خلاف احتجاجي مظاھرا بھ ٿي رھيا آھن پر اسرائيل جي ڪن تي جونءَ بھ نھ ٿي سري.
مون کي لڳو مان مري ويو آهيان

غزھ جي پٽيءَ واري شھر خان يونس سان تعلق رکندڙ 18 سالن جي نوجوان ھاني حماد قطر جي خابرو اداري سان ڳالھائيندي ٻڌايو تھ اسان صبح جو 5 وڳي کاڌ خوراڪ جي ڳولا ۾ پنھنجي خيمي مان نڪري آمريڪي فلاحي اداري جي امدادي مرڪز پھتاسين، اتي موجود آمريڪي عملي ۽ اسرائيلي فوجين گيٽ کوليو، پر گيٽ اندر داخل ٿيڻ لاءِ سڀني کي ھڪ تنگ ۽ سوڙھي راھداري مان گذرڻو ھو، ماڻھن جو ھجوم جڏھن اتان گذرڻ لاءِ اڳتي وڌيو تھ آمريڪي گارڊز اوچتو اسان تي مرچن جو اسپري ۽ گئس بم فائر ڪرڻ شروع ڪيا، جنھن سان ماڻھن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، منھنجو ساھھ منجھي رھيو ھو، مون کي لڳو مان مري رھيو آھيان، پيھھ ۾ ڦاٿل ھجڻ سبب مان نھ اڳتي وڌي پئي سگھيس ۽ نھ وري پٺتي ھٽي پئي سگھيس، اتي ئي ڪري پيس، ماڻھو منھنجي منھن کي لتاڙي رھيا ھئا ۽ پوءِ بيھوش ٿي ويس. ھاني حماد چيو تھ مون کي خان يونس جي نصير اسپتال پھچايو ويو ۽ ڀاڄ دوران لتاڙ ۽ ساھ ٻوساٽجڻ سبب يا گوليون لڳڻ سبب فوت ٿي ويل ماڻھن جي لاشن سان گڏ ليٽايو ويو.ھوش اچڻ تي مون کي ائين لڳو تھ مان بھ مري ويو آھيان.
آمريڪي گارڊز مرچن جي اسپري سان گڏ گئس بم فائر ڪيا
ھاني حماد جنھن واقعي جو ذڪر ڪري رھيو ھو، اھو خان يونس جي اولھھ علائقي ۾ جي ايڇ ايف جي امدادي مرڪز جي گيٽ وٽ پيش آيو، جنھن ۾ 21 فلسطيني شھيد ٿي ويا، جن مان 15 ڄڻن جو موت ساھھ ٻوساٽجڻ سبب ٿيو.قطري خابرو اداري موجب ھاني پنھنجي 7 ڀائرن سان گڏ ھڪ خيمي ۾ رھي ٿو ۽ ھو ھنن جو وڏو ڀاءُ آھي. ھاني حماد چيو تھ جي ايڇ ايف جي امدادي مرڪز تان کاڌ خوراڪ جو سامان وٺڻ لاءِ وڃڻ جان جوکي ۾ وجھڻ آھي پر اسان جي بي پناھھ بک مون کي اتي وڃڻ لاءِ مجبور ڪيو، غزھ ۾ روز ھزارين فلسطيني کاڌ خوراڪ ۽ ٻي امداد لاءِ اھڙن امدادي مرڪزن جو رخ ڪن ٿا ۽ انھن مان ڪيترائي ماني ڳڀو ملڻ بدران موت ماڻي لاشن جي صورت ۾ واپس اچن ٿا.
لنگھ ڏسي محسوس ٿيو تھ ڪا گڙٻڙ آھي
ساڳئي سينٽر ۾ امدادي سامان وٺڻ لاءِ ويل ٻئي نوجوان 24 سالن جي محمد عابدين ٻڌايو تھ ان ڏينھن امدادي مرڪز جي گيٽ وٽ لڳايل سوڙھو لنگھھ ڏسي مون کي محسوس ٿيو تھ ڪا گڙٻڙ آھي، ماڻھن جي پيھھ جڏھن ان سوڙھي راھداري مان گذري تھ ڪيترائي ٿاٻڙجي ڪري پيا ۽ لتاڙ ھيٺ اچي ويا، آمريڪي گارڊز مرچن جو اسپري ڪيو ۽ گئس بم فائر ڪرڻ شروع ڪيا.
ٻار روئي رهيا هئا، ڪواڊ ڪاپٽر ذريعي فائرنگ

محمد عابدين چيو تھ مان پنھنجي سئوٽ سان گڏ اھي منظر ڏسي رھيو ھيس، پيھھ ۾ ڦاٿل ننڍڙا ٻار روئي رھيا ھئا، ھنن جو ساھھ منجھي رھيو ھو، اسان گيٽ اندر داخل نھ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو، اندر ويل ماڻھو ڦاسي پيا ھئا ۽ ٻاھر بھ نھ پئي اچي سگھيا، اھا سوڙھي راھداري ھنن لاءِ موت جو ڄار بڻجي وئي ھئي.
محمد عابدين چيو تھ اسان جيئن ئي واپس وڃڻ وارا ھياسين تھ اوچتو ھڪ ڪواڊ ڪاپٽر ذريعي اسان تي فائرنگ ڪئي وئي، جنھن ۾ مون سميت ڪيترائي ماڻھو زخمي ٿي پيا.
عابدين چيو تھ گولي لڳڻ سبب ڄنگھھ زخمي ٿي پئي آھي پر شڪر آھي تھ زندگي بچي وئي، مون کي 8 گھر ڀاتين جي لاءِ ماني جو بندوبست ڪرڻو ھوندو آھي، جنھن ڏينھن ڪٿان ٻھ ٽي ڪلو اٽو ملي ويندو آھي، اھو اسان لاءِ عيد جو ڏينھن ھوندو آھي. محمد عابدين چيو تھ ھتي ڪو سسٽم نھ آھي، توھان بک مرڻ کان بچي ويا تھ گولين جو نشانو بڻجي ويندا، ھو اسان کي جانورن جيان ماري رھيا آھن.