پاڪستاني اداڪارھ ھانيہ عامر ھڪ ڀيرو ٻيھر سوشل ميڊيا تي ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي، ھن ڀيري سبب سندس نئون ڊرامو نھ پر انسٽاگرام پروفائل تصوير بڻي آھي.
ھانيہ عامر تازو ئي پنھنجي انسٽاگرام پروفائل پڪچر تبديل ڪندي پنھنجي اصل سڃاڻپ ڪارڊ جي تصوير لڳائي ڇڏي جنھن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي دلچسپ تبصرن ۽ بحث جو سلسلو شروع ٿي ويو.
اداڪارھ نہ صرف پروفائل تصوير تبديل ڪئي پر پنھنجي پراڻيون پوسٽس بہ ڊيليٽ يا آرڪائيو ڪري ڇڏيون، جنھن کانپوءِ سندس انسٽاگرام فيڊ تي صرف 11 پوسٽس باقي رھجي ويون آھن.
سوشل ميڊيا صارفين ھانيہ جي سڃانپ ڪارڊ جي تصوير تي مختلف رد عمل ڏئي رھيا آھن، ھڪ صارف لکيو تہ اسان تہ ڪڏھن سڃاڻپ ڪارڊ جي تصوير ۾ ايترا سٺا نٿا لڳي سگھون جڏھن تہ ٻئي چيو تہ شايد سيليبريٽي ھئڻ سبب کيس مسڪرائي پوز ڏيڻ جي اجازت ملي وئي، اسان کي تہ سڌو ويھاريو ويندو آھي.
ٻئي طرف ھانيہ عامر ۽ گلوڪار عاصم اظھر وچ ۾ مبينہ ٻيھر قربت جون خبرون بہ ڪيترن مھينن کان سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رھيون آھن، جنھن سبب اداڪارھ جي ھر سرگرمي مداحن جو ڌيان حاصل ڪري رھي آھي.